سکر (اسٽاف رپورٽر): سکر ۾ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جي عوامي خدمت ۾ هڪ نمايان سڌارو اچي چڪو آهي. اهو سڌارو ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جي تعيناتيءَ کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي، جن کي 2 مئي 2024 تي ڊرائيونگ لائسنس برانچ سکر جي ذميواري ڏني وئي.ذريعن موجب، ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ هڪ ذميوار، ايماندار ۽ محنتي پوليس آفيسر آهي، جنھن هن اداري ۾ نظم، شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن. سندس جي نگراني هيٺ شھري پابنديءَ سان پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهن، ۽ عوام کي سهولت فراھم ڪرڻ لاءِ عمل کي آسان ۽ تيز تر بڻايو ويو آهي.عوامي ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جو عمل بلڪل آسان، شفاف ۽ مطمئن بڻجي ويو آهي. شهري بغير ڪنهن پريشانيءَ جي لائسنس برانچ اچن ٿا، جتي انهن کي خوش اخلاق عملي ۽ تيز سروس ملي رهي آهي.ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جي قيادت هيٺ روزانه تقريباً 60 کان 70 ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا پيا وڃن، جيڪو سکر علائقي ۾ هڪ اهم ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو. ان سان نه رڳو شهرين جو پوليس تي اعتماد وڌيو آهي، پر اداري جي شُهرت ۾ به نمايان واڌ آئي آهي.عوامي حلقن ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ ۽ سندن ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهڙي جذبي سان ڊرائيونگ لائسنس برانچ سکر مستقبل ۾ به وڌيڪ بهتريءَ ڏانهن وڌندي رهندي.
