ڀارت ۾ هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ پالتو ڪتي جي بيمار ٿيڻ کان پوءِ ٻه ڀينرون فوت ٿي ويون.
ڀارتي ميڊيا موجب هي واقعو لکنؤ جي علائقي ڊوڊا کھیڙا جلال پور ۾ پيش آيو، جتي 26 ورهين جي رادها سنگهه ۽ 22 ورهين جي جيا سنگهه هڪ ڪتي کي پاليو هو.
پوليس ٻڌايو ته کين اسپتال مان اطلاع مليو ته ٻئي ڀينرون مبينه طور پنهنجي جان وڃائي ويٺيون آهن، جنهن بعد جاچ شروع ڪئي وئي ۽ گهر وارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.
جاچ دوران معلوم ٿيو ته ٻنهي ڀينرن تازو ئي هڪ ڪتي کي گود ورتو هو ۽ ان سان تمام گهڻي محبت ڪرڻ لڳيون هيون. هو ٻئي ڪتي جي سار سنڀال به ڪنديون هيون.
گهر وارن ٻڌايو ته ٻئي ڀينرون ذهني دٻاءَ جو شڪار هيون. هڪ ڀيڻ کي ٽي بي جي بيماري سبب ڊپريشن ٿيو هو، جڏهن ته ٻي ڀيڻ 2014 کان ذهني پريشاني ۾ مبتلا هئي.
گهر وارن موجب، سندن پالتو ڪتو هڪ مهيني کان بيمار هو، جنهن سبب ٻنهي جو ذهني دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو ۽ انتهائي قدم کڻڻ سبب هو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺيون.
پوليس موجب، ٻنهي ڇوڪرين جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليا ويا آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
