شارجه: پاڪستاني نوجوان احسن ياسين شيخ محمد بن زايد يوٿ ڪيمل ريس کٽي ورتي آهي۔
شارجه ۾ 54هين شيخ محمد بن زايد ڪيمل ريسنگ فيسٽيول جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي نوجوانن ڪيمل ريس ۾ حصو ورتو۔
18 ورهين جي پاڪستاني نوجوان احسن ياسين 2 ڪلوميٽر جي ريس کٽي گولڊن ڪيمل ٽرافي حاصل ڪئي۔
ان کان علاوه احسن ياسين 50 هزار درهم، يعني لڳ ڀڳ 38 لک رپيا به کٽي ورتا۔ احسن ياسين ٻن ڪلوميٽرن جو فاصلو 3 منٽ 47 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو۔
ريس جي شروعات ۾ احسن ياسين ڇهين پوزيشن تي هو، پر ٿوري ئي دير ۾ هن سڀني کي پٺتي ڇڏي ڏنو۔ انجنيئرنگ جي تعليم سان گڏ احسن ياسين دبئي جي هيريٽيج سينٽر ۾ ٽريننگ پڻ ڪري ٿو۔
هن موقعي تي احسن ياسين چيو ته پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊو اوچو ڏسڻ هڪ ناقابلِ بيان خوشي آهي۔
