بالي ووڊ سپر اسٽار سنييل شيٽي ماضي ۾ 40 ڪروڙ رپين جي پيشڪش رد ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
64 ورهين جي سنييل شيٽي تازوئي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته انهن کي تمباکو برانڊ پاران پرچار لاءِ 40 ڪروڙ رپين جي وڏي پيشڪش ڪئي وئي هئي.
هن چيو ته مان اصل ۾ نوجوانن لاءِ هڪ مثال آهيان، ان ڪري اهڙي ڪنهن شيءِ سان وابستہ نه ٿيڻ چاهيو، جنهن تي پاڻ يقين نه رکندو هوس.
بالي ووڊ اداڪار وڌيڪ چيو ته، مان هاڻي فلمون ۽ باڪس آفيس تي اڳ وانگر سرگرم نه آهيان، پر اڃا به 17، 18 سالن جا نوجوان مون کي پنهنجو آئيڊيل سمجهن ٿا.
هن چيو ته مان ڪڏهن به پيسن لاءِ پنهنجين قدرن يا ٻارن جي نالي تي سمجھوتو نه ڪيو آهي.
سنييل شيٽي ٻڌايو ته والد جي بيماري ۽ فوت ٿيڻ سبب اداڪاري ڇڏڻ پئي، والد جي دنيا ڇڏڻ جي ڏينهن ئي مون کي ڪم جي پيشڪش ٿي، جيئن مان فني زندگي جو سفر اڳتي وڌائي سگهان.
هن چيو ته عالمي وبا کان پوءِ مان پاڻ تي ڪم ڪيو، مالي استحڪام سان زندگي ۾ ذهني سکون ۽ اعتماد پيدا ٿيو، ميڊيا ۽ مداحن جي محبت مون کي باڪس آفيس تي ڪاميابيون نه ملڻ باوجود به همت نه وڃائڻ ڏني.
