آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ڪونسل آن فارن ريليشنز جي رپورٽ موجب دنيا تيزي سان عدم استحڪام ۽ تشدد طرف وڌي رهي آهي ۽ 2026ع ۾ ڪيترائي خطرناڪ عالمي تڪرار جنم وٺي سگهن ٿا۔
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهي تڪرار عالمي امن ۽ آمريڪي قومي سلامتي لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهن ٿا۔ غزه، يوڪرين، پاڪ-ڀارت ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي محاذن تي ڇڪتاڻ ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب انساني الميا وڌڻ جو خدشو آهي۔
رپورٽ خبردار ڪندي چيو آهي ته عالمي امن کي درپيش خطرا هاڻي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ بلند سطح تي پهچي چڪا آهن۔
ڪونسل آن فارن ريليشنز جي ذيلي اداري سينٽر فار پريوينٽو ايڪشن جي رپورٽ ۾ آمريڪي پرڏيهي پاليسي جي ماهرن دنيا ڀر ۾ ممڪن تڪرارن جو جائزو وٺي انهن کي شدت ۽ اثرن جي بنياد تي درجا بندي ڪئي آهي۔
رپورٽ موجب، ٽرمپ انتظاميه جيتوڻيڪ غزه، يوڪرين، ڪانگو، ڀارت ۽ پاڪستان جهڙن تڪرارن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه موقعن تي سخت پاليسين ۽ دٻاءَ سبب حالتون وڌيڪ پيچيده ٿي ويون۔
ماهرن امن سازي ۽ تڪرارن جي روڪٿام سان لاڳاپيل ادارن ۽ فنڊنگ کي ڪمزور ڪرڻ تي به تنقيد ڪئي آهي۔
رپورٽ ۾ ايندڙ سال پاڪستان سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ممڪن سيڪيورٽي خطرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي۔ انهن سڀني خطرن کي وچولي درجي جي امڪان ۽ اثرن واري زمري ۾ رکيو ويو آهي۔ رپورٽ مطابق ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻيهر مسلح تڪرار ٿي سگهي ٿو، جنهن جا سبب مقبوضه ڪشمير ۾ وڌندڙ عسڪريت پسند سرگرميون ۽ سخت سيڪيورٽي قدم ٿي سگهن ٿا۔
افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻيهر ويڙهه جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي، جيڪو سرحد پار شدت پسند حملن جي ٻيهر شروعات سبب پيدا ٿي سگهي ٿو۔
رپورٽ موجب آمريڪا کي سڀ کان وڌيڪ خطرا ان ڪري درپيش آهن جو ان جا دنيا ڀر ۾ وسيع اتحادي ۽ سيڪيورٽي واعدا موجود آهن۔
رپورٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ تڪرارن ۾ غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيل ۽ فلسطينين وچ ۾ جهڙپون، روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ شدت، وينزويلا ۾ ممڪن آمريڪي فوجي ڪارروائي، ۽ آمريڪا جي اندر وڌندڙ سياسي تشدد شامل آهن۔
ان سان گڏ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ممڪن جنگ، چين جو تائيوان تي دٻاءُ، روس ۽ نيٽو وچ ۾ ٽڪراءُ، ۽ اتر ڪوريا جا جوهري تجربا پڻ سنگين خدشن طور بيان ڪيا ويا آهن۔
