نئين دهلي: ڀارت ۾ مسلمانن جي عبادتگاهن خلاف ڪارروائين ۾ واڌ جون رپورٽون سامهون آيون آهن، جن موجب گذريل 45 ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف رياستن ۾ 23 مسجدون، مدرسا، درگاهون ۽ عيدگاهون ڊاهي پٽ ڪيون ويون.
ميڊيا رپورٽن موجب ڊاهيل عبادتگاهن ۾ هڪ هزار سال پراڻي مسجد پڻ شامل آهي.
رپورٽن مطابق اهي ڪارروائيون دهلي، اتر پرديش، مهاراشٽر، گجرات، راجسٿان ۽ هرياڻا سميت مختلف رياستن ۾ مبينا طور قبضن جي خاتمي ۽ روڊن جي ويڪرائي جي نالي تي ڪيون ويون.
انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمن جو چوڻ آهي ته ڪجهه هنڌن تي قانوني گهرجون مڪمل نه ڪيون ويون ۽ ڊاهڻ کان اڳ متاثر ڌرين کي مناسب نوٽيس پڻ جاري نه ڪيو ويو.
ٻئي طرف ڀارتي اختيارين جو موقف آهي ته سموريون ڪارروائيون قانوني ۽ انتظامي ضابطن موجب ڪيون پيون وڃن ۽ انهن جو مقصد غيرقانوني اڏاوتن کي هٽائڻ آهي.
آمريڪي انساني حقن جي تنظيم جسٽس فار آل (Justice For All) پڻ انهن تازي ڪارروائين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت ۾ مذهبي آزادي ۽ قانون جي برابري واري لاڳو ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سڀني شهرين سان هڪجهڙو سلوڪ ڪيو وڃي.
