• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ”هندي سک نه ته نڪري وڃ“ بي جي پي ڪائونسلر جي پرڏيهي ڪوچ کي سرعام ڌمڪي
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
دنيا

”هندي سک نه ته نڪري وڃ“ بي جي پي ڪائونسلر جي پرڏيهي ڪوچ کي سرعام ڌمڪي

admin
Last updated: December 24, 2025 10:06 am
admin
Share
SHARE

دهلي جي هڪ ايم سي ڊي پارڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڏکڻ آفريقي فٽبال ڪوچ کي هندي نه سکڻ تي ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي مقامي ڪائونسلر ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ته جيڪڏهن هو هڪ مهيني اندر هندي نه سکيو ته کيس پارڪ مان ڪڍيو ويندو.
بي جي پي جي مقامي ڪائونسلر رينو چوڌري طرفان ڏنل ان ڌمڪي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.
وڊيو ۾ رينو چوڌري کي پرڏيهي ڪوچ کان سخت لهجي ۾ سوال ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو ته هو ڊگهي عرصي کان ڀارت ۾ رهڻ باوجود هندي ڇو نه سکي سگهيو آهي؟
وڊيو ۾ هوءَ چوندي نظر اچي ٿي ته جيڪڏهن هتان پيسو کائي رهيا آهيو ته هندي ڳالهائڻ به سکو، جيڪڏهن پارڪ استعمال ڪرڻو آهي ته هندي سکي اچو، ٻي صورت ۾ پارڪ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
اهو واقعو مبينا طور 13 ڊسمبر تي پيش آيو، جنهن کان پوءِ سياسي ۽ سماجي ردعمل سامهون اچڻ لڳا ۽ ڪائونسلر تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ڄاڻايل پرڏيهي ڪوچ گذريل 14 کان 15 ورهين کان دهلي ۾ رهي ٿو ۽ مقامي ٻارن کي فٽبال جي تربيت ڏئي رهيو آهي.
تڪرار وڌڻ باوجود رينو چوڌري پنهنجي قدم جو دفاع ڪندي چيو ته پارڪ جي عملي کي ڪوچ سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، ڇو ته هو هندي نٿو سمجهي.
هن الزام هنيو ته ڪوچ ايم سي ڊي پارڪ کي بنا اجازت ۽ فيس ادا ڪرڻ کانسواءِ واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو هو.
ڪائونسلر موجب پارڪ ۾ سرگرميون مقرر وقت کانپوءِ به جاري رهنديون هيون ۽ صفائي ۽ نظم و ضبط بابت هدايتن کي ڪوچ ٻولي نه سمجهڻ جو بهانو بڻائي نظرانداز ڪندو رهيو.
رينو چوڌري اها به دعويٰ ڪئي ته هن اٺ مهينا اڳ ڪوچ کي بنيادي هندي سکڻ جو مشورو ڏنو هو ۽ هندي سکڻ جي فيس ادا ڪرڻ جي آڇ به ڪئي هئي.
ٻئي طرف پرڏيهي ڪوچ جو چوڻ آهي ته هو رڳو ٻارن کي فٽبال سيکاري رهيو هو ۽ هن سان گڏ ڀارتي شهري به موجود هوندا آهن، جيڪي رابطي ۾ مدد ڪندا آهن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو غزا ۾ موجود رهڻ ۽ چوڪين جي قيام جو اعلان
Next Article افغانستان ۾ آزادانه نه ٿي سگهان، بلٽ پروف ڪار استعمال ڪندو آهيان: راشد خان جو اعتراف
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ميڊم عفت قادر ملڪ جي اعزاز ۾ سکر ۾ شاندار الوداعي تقريب . تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش

سکر (رپورٽ عادل خان ) ميڊم عفت قادر ملڪ جي…

October 23, 2026

ميڊم عفت قادر ملڪ جي اعزاز ۾ سکر ۾ شاندار الوداعي تقريب . تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش

سکر (رپورٽ عادل خان ) ميڊم…

October 23, 2026

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس دادو ۾ ماهوار کليل ڪچهري، ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ٻڌي فوري حل لاءِ هدايتون جاري

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر مختيار علي جتوئي…

October 23, 2026

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد…

October 22, 2026

حيدرآباد: جونيجو ڪالوني ۾ گهر تي ٻيهر حملي جو الزام، عورت ۽ معصوم نينگري سميت ڪٽنب تي تشدد جي دعويٰ، متاثر خاندان جو انصاف ۽ تحفظ لاءِ اعليٰ پوليس اختيارين کي اپيل

حيدرآباد (خصوصي رپورٽ): حيدرآباد جي جونيجو…

October 22, 2026

You Might Also Like

دنيا

ٽرمپ اسرائيل کي لغام نه ڏئي سگهيو، غزا تي بمباري جاري

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس طرفان جنگبندي جو معاهدو قبول ڪرڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بمباري روڪڻ جي اپيل…

1 Min Read
دنيا

ايران آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي ٺڪاڻن تي حملن جي دعويٰ ڪئي

تهران: ايران آمريڪا جي تازي حملن جي جواب ۾ بحرين ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي تنصيبات تي ميزائل ۽…

2 Min Read
دنيا

آمريڪي اسڪول ۾ فائرنگ، حملو ڪندڙ سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

بينڊ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست اوريگن جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ 16 ورهين جي نوجوان جي فائرنگ جي نتيجي ۾…

2 Min Read
دنيا

شڪي مني لانڊرنگ روڪڻ ۾ ناڪامي، بئنڪ آف آمريڪا تي 1.2 ارب ڊالر ڏنڊ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته شڪي مني لانڊرنگ ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين جو پتو…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?