ڪراچي: ملڪ ڀر ۾ سون جي قيمتن ۾ 10 هزار رپين کان وڌيڪ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ڀر ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 10 هزار 700 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 59 هزار 462 رپيا ٿي وئي آهي۔
ايسوسيئيشن موجب ساڳئي طرح 10 گرام سون جي قيمت ۾ 9 هزار 174 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ 10 گرام سون جو اگهه 3 لک 93 هزار 914 رپيا مقرر ٿيو آهي۔
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 107 ڊالر گهٽجي 4 هزار 371 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي۔
