پاڪستان 6 مهينن ۾ 1254 ارب رپين جو بيروني قرض حاصل ڪيو آهي.
دستاويز مطابق گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 29٪ يعني 280 ارب رپيا وڌيڪ قرض مليو، جڏهن ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين پاڪستان کي 17 ارب 67 ڪروڙ رپين جي گرانٽ پڻ حاصل ٿي.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين مجموعي بيروني مالي مدد 1272 ارب رپين جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته آمريڪي ڊالر ۾ پاڪستان کي 6 مهينن ۾ 4 ارب 50 ڪروڙ ڊالر موصول ٿيا، ڊالر جي لحاظ کان گذريل مالي سال جي ساڳي مدت جي ڀيٽ ۾ 904 ملين وڌيڪ حاصل ٿيا.
دستاويز موجب گذريل مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 3 ارب 60 ڪروڙ ڊالر حاصل ٿيا هئا، جڏهن ته پاڪستان کي انهي دوران IMF کان ملندڙ قرض شامل ناهي. 6 مهينن ۾ نان پروجيڪٽ ايڊ 785 ارب ۽ پروجيڪٽ ايڊ 487 ارب رپيا رهي، جڏهن ته بجيٽ سپورٽ لاءِ 458 ارب 72 ڪروڙ رپيا حاصل ٿيا.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعودي عرب پاڪستان کي 170 ارب رپين جي آئل فيسيلٽي ڏني، اسلامي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي 137 ارب رپيا قرض ڏنو، ۽ پروجيڪٽ ايڊ جي مد ۾ پاڪستان کي 487 ارب رپيا حاصل ٿيا.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته موجوده مالي سال ۾ 4507 ارب رپين جو بيروني قرض حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
