ڍاڪا: بنگلاديش جي پهرين خاتون وزيراعظم خالدہ ضياء جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي۔
خالدہ ضياء جي جنازي نماز ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي پارليامينٽ هائوس جي سامهون ميا مانڪ ايونيو تي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر ڊاڪٽر محمد يونس پڻ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته حڪومت پاڪستان جي نمائندگي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪئي۔ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اياز صادق پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي طرفان خالدہ ضياء جي وارثن سان تعزيت ڪندا۔
خالدہ ضياء کي سندن مڙس ۽ بنگلاديش جي اڳوڻي صدر ضياءُ الرحمان جي ڀرسان سپردِ خاڪ ڪيو ويندو۔
ياد رهي ته ٻه ڀيرا بنگلاديش جي وزيراعظم رهندڙ خالدہ ضياء جو ٻه ڏينهن اڳ ڍاڪا جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ٿيو هو۔ خالدہ ضياء 1991 کان 1996 ۽ پوءِ 2001 کان 2006 تائين بنگلاديش جي وزيراعظم رهي۔
