ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور 50 ڪرڪيٽ ٽيم کي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ حڪومتي اجازت نه ملي سگهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ڀارت ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 23 جنوري کان 7 فيبروري 2027ع تائين حيدرآباد دکن ۾ شيڊيول آهي.
پاڪستان 2025ع ۾ سريلنڪا ۾ ٿيل اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيو هو ۽ دفاعي چيمپيئن جي حيثيت سان ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻو هئس.
پاڪستان ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين فواد اعجاز خان موجب، ڀارتي ويٽرنز ڪرڪيٽ اختيارين پاڪستاني ٽيم کي ويزا ۽ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.
هن چيو ته پاڪستان ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کان ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي اجازت گهري هئي، پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کين اجازت نه ملڻ بابت آگاهه ڪيو.
فواد اعجاز خان چيو ته هو حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪن ٿا، تنهنڪري اجازت نه ملڻ سبب ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪندي.
هن عالمي اعزاز جو دفاع نه ڪري سگهڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي ورلڊ ڪپ جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
