لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان 25 هزار رپيا ڦرڻ جي ڪوشش دوران پوليس ڪانسٽيبل طرفان چاقو هڻي کيس زخمي ڪرڻ جو الزام سامهون آيو آهي.
ايف آءِ آر موجب، ڪانسٽيبل طالب حسين بابر ۽ سرفراز جي جهڙتي وٺڻ کانپوءِ مبينا طور 25 هزار رپيا کڻي وڃڻ لڳو، جنهن تي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بابر کي چاقو هڻي زخمي ڪيو ويو.
پوليس موجب، ڪانسٽيبل طالب حسين ۽ سندس هڪ اڻڄاتل ساٿي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. ڪانسٽيبل خلاف قتل جي ڪوشش جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
