بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار وسيم عباس کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير بهاولپور ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.
جوابدار سومر ڏينهن گاڏيءَ جي ٽڪر سان 15 ورهين جي ٻار کي چيڀاٽي ڇڏيو هو، يتيم ٻار وسيم عباس جوابدار توقير جي غير انساني رويي کان تنگ اچي ڪم ڪرڻ نٿي چاهيو.
ڊسٽرڪٽ آفيسر سي سي ڊي عرفان اڪبر موجب، واقعي کانپوءِ جوابدار توقير نذير کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جڊيشل مئجسٽريٽ کيس چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو، پر هو اتان فرار ٿي ويو.
ڊسٽرڪٽ آفيسر سي سي ڊي جو چوڻ آهي ته ناردرن باءِ پاس بهاولپور تي پوليس ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن ٻڌايو ته پوليس طرفان روڪڻ تي جوابدار ڀڄندي فائرنگ ڪئي، ان دوران جوابدار توقير پنهنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
واضح رهي ته عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران وڪيلن به جوابدار کي تشدد جو نشانو بڻايو هو.
معاملو ڇا هو؟
ملتان جي هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪرڻ واري واقعي جون مختلف سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون آيون هيون، جن ۾ ٻار جو پيڇو ڪرڻ ۽ مٿس گاڏي چاڙهڻ جا منظر ڏسي سگهجن ٿا.
جوابدارن واقعي کي حادثو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مختلف رخن کان سامهون آيل هڪ کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي وڊيوز مان ظاهر ٿيو ته اهو حادثو نه، پر بي رحماڻو قتل هو.
وڊيوز ۾ ٻار کي ڀڄندي ۽ جوابدارن کي سندس پٺيان ڊوڙندي ڏسي سگهجي ٿو، هڪ ٻي سي سي ٽي وي ڪيمرا جي وڊيو ۾ اهو دل ڏاريندڙ منظر به رڪارڊ ٿيو، جنهن ۾ جوابدارن ٻار مٿان تيز رفتار گاڏي چاڙهي ڇڏي ۽ هن ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي توقير نذير نالي جوابدار کي گرفتار ڪيو ۽ سندس خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
سي پي او ملتان اختر فاروق موجب، مقتول ٻار هڪ اين جي او جي يتيم خاني ۾ رهندو هو، جتان ست ڏينهن اڳ کيس اليڪٽريشن جو ڪم سکڻ لاءِ جوابدار توقير وٽ موڪليو ويو هو.
جوابدار مختلف عمارتن ۾ بجليءَ جي ڪم جا ٺيڪا وٺندو هو ۽ ماضيءَ ۾ به يتيم خاني جا ٻار وٽس سکيا حاصل ڪندا رهيا هئا.
پوليس موجب، ٻار جي ڪم ڇڏي وڃڻ تي سندس پيڇو ڪيو ويو ۽ مٿس گاڏي چاڙهي وئي
