اسلام آباد: شهباز شريف حڪومت بجلي صارفين کي هڪ ٻيو رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. آءِ ايم ايف جي شرط تحت ڪيپٽو پاور ليوي لاڳو ڪرڻ سان بجلي سستي ڪرڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي.
حڪومت طرفان ڪيپٽو پاور ليوي مان حاصل ٿيندڙ رقم ذريعي ماهوار بنيادن تي بجلي ۾ رليف ڏيڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيپٽو پاور ليوي جي شرح وڌڻ سان بجلي ۾ وڌيڪ رليف ڏيڻ جي اميد آهي. وفاقي ڪابينا ڪيپٽو پاور ليوي مان حاصل ٿيندڙ رليف کي بجلي صارفين تائين منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي.
حڪومتي ذريعن موجب ماهوار گڏ ٿيندڙ ليوي جو فائدو ٻن مهينن جي وقفي سان ڏيڻ جو پلان آهي. وفاقي حڪومت ڪيپٽو پاور پلانٽن تي مرحليوار 20 سيڪڙو تائين ليوي لاڳو ڪرڻ جو قانون نافذ ڪري ڇڏيو آهي. فوري طور تي ڪيپٽو پاور پلانٽن تي 5 سيڪڙو ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ٻئي مرحلي ۾ ڪيپٽو پاور پلانٽن تي ليوي جي شرح 10 سيڪڙو ڪئي ويندي، جڏهن ته فيبروري 2026 ۾ اها 15 سيڪڙو ۽ آگسٽ 2026 ۾ 20 سيڪڙو ٿي ويندي. ليوي مان حاصل ٿيندڙ رقم پاور سيڪٽر جي سڀني ڪيٽيگريز جي بجلي صارفين لاءِ ٽيرف گهٽائڻ تي خرچ ڪئي ويندي.
ليوي ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيپٽو پاور پلانٽن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مستقل ڊيفالٽ جي صورت ۾ لاڳاپيل ڪيپٽو پاور پلانٽ کي گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي. هر ڪيپٽو پاور پلانٽ گئس يا ايل اين جي جي استعمال تي وفاقي حڪومت کي ليوي ادا ڪرڻ جو پابند هوندو.
