آمريڪي خلائي اداري ناسا پاران چنڊ جي مدار ڏانهن موڪليل انساني مشن آرٽيمس 2 کي 6 فيبروري تي روانو ڪرڻ جو امڪان آهي۔
هن مشن ۾ 4 خلاباز چنڊ جي مدار ۾ ويندا ۽ پنج ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي بعد پهريون ڀيرو انسانن جي چنڊ جي مدار ۾ واپسي ٿيندي۔
پر آرٽيمس 2 مشن سان گڏوگڏ ناسا پاران جلد چنڊ تي نيوڪليئر ري ايڪٽر موڪلڻ جي منصوبه بندي پڻ ڪئي پئي وڃي۔
آمريڪي توانائي کاتي هڪ مفاهمتي يادداشت ۾ اعلان ڪيو آهي ته ناسا جو ايندڙ وڏو منصوبو چنڊ تي نيوڪليئر ري ايڪٽر جي تنصيب هوندو۔
آمريڪي توانائي کاتي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ادارن وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون ويون آهن، ته جيئن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويزن تحت چنڊ ۽ ان جي مدار ۾ نيوڪليئر ري ايڪٽرز لڳائي سگهجن۔
پوسٽ ۾ چيو ويو ته 2030 تائين چنڊ جي سطح تي نيوڪليئر ري ايڪٽر لڳايو ويندو ۽ آمريڪا خلائي تحقيق ۽ واپار ۾ دنيا جي اڳواڻي ڪري سگهندو۔
ناسا جي نئين مقرر ڪيل منتظم جيرڊ آئزڪ مين چيو ته صدر ٽرمپ جي قومي خلائي پاليسي تحت آمريڪا چنڊ تي واپس وڃڻ ۽ اتي قيام لاءِ انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته مريخ ۽ ان کان اڳتي وڃڻ لاءِ گهربل سيڙپڪاري به يقيني بڻائي ويندي۔
هن چيو ته انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نيوڪليئر توانائي ضروري هوندي ۽ هي مفاهمتي يادداشت انهن مقصدن جي حاصلات ۾ مدد فراهم ڪندي۔
آمريڪي توانائي کاتي ۽ ناسا پاران نيوڪليئر ري ايڪٽرز نصب ڪيا ويندا، جنهن سان مستقبل جي خلائي مشنز کي مستحڪم توانائي فراهم ٿي سگهندي۔
