اسرائيل غزه بورڊ جي قيام کي رد ڪندي چيو آهي ته هي بورڊ اسرائيل جي حڪومت جي پاليسي جي خلاف آهي.
غير ملڪي ميڊيا جي مطابق، اسرائيل جي وزيراعظم نيٽن ياهو جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن بورڊ جي قيام لاءِ اسرائيل سان رابطو نه ڪيو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزير خارجه گڊيئن سار غزه بورڊ جو معاملو آمريڪي وزير خارجه مارڪو رُوبيو سان اٿاريندا.
واضح رهي ته وائٽ هائوس ٽرمپ جي منصوبي تحت غزه بورڊ آف پيس جي ميمبرن جا نالا اعلان ڪيا هئا.
غزه ۾ ‘بورڊ آف پيس’ جو قيام ٽرمپ جي امن منصوبي جو حصو آهي، اهو بورڊ سيڪيورٽي، انساني امداد ۽ تعمير نو جي منصوبن ۾ هم آهنگي يقيني بڻائڻ سان گڏ فلسطينين جي اختيارين ۽ حڪومت ۾ سڌارن جو رستو پڻ هموار ڪندو.
