پاڪستان جي مشهور ۽ سينئر اداڪار ايوب کھوسو چيو آهي ته هڪ ڊرامي ۾ کيس عتيقه اوڌو سان هڪ رومانوي سين رڪارڊ ڪرڻو هو، جنهن ۾ کيس وڏي مشڪل پيش آئي.
تازو ئي اداڪار هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي زندگي جا مختلف واقعا ٻڌايا ۽ اداڪاري بابت پڻ ڳالهايو.
پروگرام دوران هڪ ويڊيو ڪلپ ذريعي مداحن هڪ دلچسپ سوال ڪيو ته “توهان ڏسڻ ۾ تمام سخت لڳندا آهيو، ڇا توهان ڪو گانو يا رومانوي ڊائلاگ ٻڌائي سگهو ٿا؟”
مداح جي سوال تي ايوب کھوسو هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته اسان هڪ ڊرامو ‘دشت’ ڪري رهيا هئاسين، جنهن ۾ هن هڪ سخت قبائلي شخص جو ڪردار ادا ڪيو.
اداکار پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ڊرامي لاءِ کيس اداڪاره عتيقه اوڌو سان رومانوي سين ڪرڻو هو، جيڪو ڪرڻ ۾ کيس وڏي مشڪل پيش آئي، “اسان بلوچن ۾ رومانويت جو معيار ڪجهه مختلف آهي، عتيقه اوڌو جو هٿ پڪڙي تعريف ڪرڻي هئي، اهو سين منهنجي لاءِ تمام مشڪل هو.”
ايوب کھوسو مرڪندي مداح کي چيو، “مان معافي ٿو گهران، شايد توهان جي سوال جو صحيح جواب نه ڏئي سگهيس، ڇو ته نه مون کي گائڻ اچي ٿو ۽ نه ئي ڪو رومانوي ڊائلاگ.”
