• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: 18هين ترميم هڪ ڊهڪوسلو ثابت ٿي، سڀ اختيار صوبي حڪومت ڏانهن منتقل ٿي ويا: خواجه آصف
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

18هين ترميم هڪ ڊهڪوسلو ثابت ٿي، سڀ اختيار صوبي حڪومت ڏانهن منتقل ٿي ويا: خواجه آصف

admin
Last updated: January 20, 2026 12:49 pm
admin
Share
SHARE

اسلام آباد: وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته 18هين ترميم هڪ ڊهڪوسلو ثابت ٿي آهي، سڀ اختيار صوبي حڪومت ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن، ڪراچي ۾ ٿيندڙ واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اختيارن کي نچلي سطح تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزير دفاع خواجه آصف گل پلازا حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ باهه جو واقعو ٿيو، ان تي جيترو افسوس ڪيو وڃي گهٽ آهي، ڊمپر حادثن ۾ پڻ جاني نقصان ٿيو.

خواجه آصف چيو ته 18هين ترميم هڪ ڊهڪوسلو ثابت ٿي آهي، سڀ اختيار صوبي حڪومت ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن، اتفاق راءِ هو ته لوڪل حڪومت کي اختيار منتقل ڪيا وڃن، اسان چاهيو ته گوادر کان گلگت تائين هڪ تعليمي نصاب هجي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اختيارن کي نچلي سطح تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

خواجه آصف چيو ته جيستائين عوام کي اختيار منتقل نه ڪيا ويندا، اهو هائوس بي معنيٰ رهندو، حيرت واري ڳالهه اها آهي ته جڏهن به آمرا آيا، انهن بااختيار لوڪل حڪومت متعارف ڪرايو، ايوب خان، ضياء الحق ۽ مشرف لوڪل باڊي جا اليڪشن ڪرائيائين، اسان لوڪل حڪومت جا اليڪشن نه ڪرائيندا آهيون، اليڪشن شيڊول به اچي ته بهانه ڪندا آهيون، اسانجي ملڪ ۽ سسٽم جي بقا لاءِ لوڪل حڪومت کي مضبوط ڪرڻو پوندو.

وزير دفاع چيو ته چين ۾ موجود صدر هڪ سياسي عمل مان اڀري آيا، لوڪل حڪومت مان قيادت پيدا ٿئي ٿي ۽ اهڙي عمل سان اڳتي وڌندي آهي، باهه جو واقعو اسانجي سسٽم جي تباهي جي نشاني آهي، ملڪ ۾ عوام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ لوڪل حڪومت کي مضبوط ڪرڻو پوندو، خواهش آهي ته هڪ مضبوط لوڪل حڪومت سسٽم هجي ته ملڪ اڳتي وڌي سگهي، اهڙو تعليمي نظام هجڻ گهرجي جو وفاق سميت صوبن کي به نئين نسل سڃاڻڻ ۾ مدد ڪري، هڪجهڙو تعليمي نظام هڪ قوم ٺاهي ٿو پر ائين نه ٿي سگهيو.

هن وڌيڪ چيو ته اهڙو نظام هاڻي ٺاهڻ گهرجي ته صوبن کان تحصيل ۽ وارڊ جي سطح تائين اختيار پهچي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال جاري رهي ته آخر ۾ وزارت دفاع جي فائر بريگيڊ ئي باهه بجھائڻ لاءِ ايندي، پاڪستان جي استحڪام لاءِ هاڻي فيصلا ڪرڻا پوندا.

پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ سنجيده آهيون، پر اسان ڪنهن تي اعتبار ڪيون؟: خواجه آصف

پارليامينٽ هائوس ۾ جيو نيوز سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته حڪومت تحريڪ انصاف سان ڳالهين ۾ سنجيده آهي، پر مان نٿو سمجهان ته پي ٽي آءِ ڳالهين ۾ سنجيده آهي، ان جي سبب اهو آهي ته پي ٽي آءِ چار پنج ٻوليون ڳالهائيندي آهي، پي ٽي آءِ وارا فرانسيسي، انگريزي، پنجابي ۽ اردو ۾ ڳالهائين ٿا، اسان انهن جي ڪهڙي ٻولي سمجهون؟ اسان کي ٻڌايو ته اسان انهن جي ڪهڙي ٻولي تي اعتبار ڪيون؟ خيبرپختونخوا حڪومت ۽ اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻهو الڳ ٻولي ڳالهائي رهيا آهن.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو ٻاهر ويهي گاليون ڪڍن ٿا، سڀ کان پهرين انهن جي ٻولي بند ڪرڻ ضروري آهي، ٻاهر ويهي جيڪي پاڪستان خلاف ڳالهائين ٿا، اهي پنهنجي مرضي سان نه پر حڪمت عملي تحت ٻاهر ويهندڙ ماڻهن طرفان ڪري رهيا آهن.

وزير دفاع چيو ته پي ٽي آءِ بئڪ ٽريڪ ڪرڻ ۽ ڊبل پلي ڪرڻ لاءِ پنهنجو اسپيس رکڻ چاهي ٿي، اها صرف پي ٽي آءِ جي نيت جو فتور آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي نيت سٺي هجي ته ڳالهين ٿي سگهن ٿيون ۽ نتيجو به نڪري سگهي ٿو، تحريڪ انصاف جي بدنصيبي ختم نه ٿي رهي، اها تاش جي راند آهي ۽ سڀ گڏجي کيڏي رهيا آهن.

خواجه آصف چيو ته مون کي ٻڌايو، هڪ اڪثريتي پارٽي پنهنجو اپوزيشن ليڊر ڇو نه مقرر ڪيو؟ محمود خان اچکزئي کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي، هو پنهنجو ڀاءُ آهي ۽ مان محمود اچکزئي جو وڏو احترام ڪريان ٿو، منهنجي سياست سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر منهنجو ان سان گهرو ڀائيچارو تعلق آهي، تمام سٺو آهي ته هو اپوزيشن ليڊر بڻيا آهن، مان انهن کي ويلڪم ڪريان ٿو.

هن چيو ته نواز شريف ۽ شاهباز شريف مون کي حق ڏين ٿا ته مان انهن سان اختلاف ڪري سگهان، جيتوڻيڪ ڪو به وزيراعظم پنهنجن وزيرن يا ورڪرن کي ايتري اسپيس نه ڏيندو جيتري شاهباز شريف ڏين ٿا، پاڪستان جي سياست ۾ اهي ماڻهو هڪ رول ماڊل آهن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article مغربي ڪناري تي يهودي آبادڪارن جو فلسطيني گهرن تي حملو، گهر ۽ گاڏيون باهه ۾ وجهي ڇڏيون
Next Article گل پلازا جا ٻه فلور صاف، هاڻي تائين 27 لاشون ڪڍيون ويون، 81 لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپيراطلاعات ۽ عوامي تعلقات کاتوپريس رليز

اريخ: 25 مارچ 2026ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي جي صدارت هيٺ هڪ نهايت اهم ۽…

3 Min Read
پاڪستان

پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ ڪڏهن متوقع آهي؟ روئيت هلال ريسرچ ڪائونسل پيشگوئي ڪري ڇڏي

روئيت هلال ريسرچ ڪائونسل طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي بروز اربع تي ٿيڻ جو…

3 Min Read
پاڪستان

پنجاب جي گهڻن ميدان وارن علائقن ۾ ڌند ڇانيل، موٽرويز ٽرئفڪ لاءِ بند

لاهور سميت پنجاب جي گهڻن ميدان وارن علائقن ۾ ڌند سبب موٽرويز کي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. موٽرويز…

1 Min Read
پاڪستان

وزيراعظم سان چيني سفير جي ملاقات، خطي جي صورتحال ۽ امن ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ

وزيراعظم شهباز شريف سان چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ وفاقي راڄڌاني ۾ اهم ملاقات ڪئي آهي. انهي موقعي تي نائب…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?