فلسطيني گهرن تي اسرائيلي آبادڪارن پاران حملو ڪيو ويو.
اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مغربي ڪناري ۾ يهودي آبادڪارن فلسطيني گهرن تي حملو ڪيو، جنهن نتيجي ۾ 4 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته شدت پسندن 8 گهرن ۽ 2 گاڏين کي باهه ۾ وجهي ڇڏيو.
يهودي آبادڪارن جي حملن جون وڊيوز به سامهون آيون آهن، جيڪي اسرائيلي ميڊيا نشر ڪيون.
اسرائيلي فوج يهودي قوم پرستن جي حملن کي تسليم ڪيو آهي.
اسرائيلي فوج (IDF) جي انگ اکر موجب، سال 2025 ۾ يهودي قوم پرستانه ڏوهن ۽ آبادڪارن جي تشدد جا 750 کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا.
اسرائيلي ميڊيا موجب، سال 2024 ۾ فلسطيني ماڻهن تي يهودي آبادڪارن جا 675 حمله ٿيا.
يهودي شدت پسندن خلاف قانوني ڪارروائي گهڻو ڪري ناياب آهي، اسرائيل ۾ سخت گير حڪومت آهي ۽ فلسطيني ماڻهن تي حملن کي نظرانداز ڪندي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، فلسطيني ماڻهن تي حملن کي نتنياهو ۽ قومي سلامتي جي مشير بن گوئير نظرانداز ڪندا آهن.
اسرائيلي انگ اکر موجب، يهودي آبادڪارن جي حملن جي تحقيقات ۾ 73 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
