ڊي ايس پي سٽي دادو عبدالغني رند، ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن مظهر نائچ جي دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس
پوليس گذريل ڏينهن پراسرار طور قتل بعد لاش هٿ ايندڙ نوجوان جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪري ڇڏي، هڪ عورت سميت 3 ڄڻا گرفتار، گذريل ڏينهن اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اميناڻي ويجهو ڳوٺ خچر ۾ زرعي زمين مان 36 سالا سردار چهواڻ جو تشدد شده لاش هٿ آيو هيو پوليس ڪامياب ڪاروائي ڪندي ٽن ڄڻن، غلام نبي چهواڻ، زهران ۽ علي خان ملاح کي حراست ۾ وٺي ڇيو،جوابدار پاران قتل جو اعتراف قتل ۾ استعمال ٿيندڙ ڏنڊو به هٿ ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول سردار چهواڻ جي زال زهران جي چرچ تي سندس ئي رشتيدار غلام نبي چهواڻ قتل ڪيو، جاچ ۾ انڪشاف سامهون آيو آهي ته مقتول جي گهر واري جا جوابدار سان ناجائز تعلقات هيا، هڪ ڄڻو علي خان ملاح پڻ قتل جي منصوبا بندي ۾ شامل رهيو
ڊي ايس پي سٽي ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي جي هدايتن تي ٽيڪنيڪل ٽيم سان پيشيوارنه مهارت سان ڪاروائي عمل ۾ آندي وئي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڊي ايس پي سٽي جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي جنهن بعد فوري طور تي نوجوانن جي اصل قاتلن کي ڪاميابي سان گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس فوتي جي ڀاءُ جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي دادو تي داخل ڪيو ويو آهي؛
