• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڀارتي قبضي کان ڪشمير جي آزادي تائين ڏکڻ ايشيا محفوظ نٿو ٿي سگهي، ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: صدر آصف زرداري
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڀارتي قبضي کان ڪشمير جي آزادي تائين ڏکڻ ايشيا محفوظ نٿو ٿي سگهي، ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: صدر آصف زرداري

admin
Last updated: March 3, 2026 9:18 am
admin
Share
SHARE

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي قبضي کان ڪشمير جي آزادي تائين ڏکڻ ايشيا محفوظ نٿو ٿي سگهي. پاڪستان ڪنهن به ملڪي يا پرڏيهي کي پنهنجي امن کي غير مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن پاڙيسري ملڪ جي زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف به ايوان ۾ موجود آهي، پارليامينٽ جي هن خصوصي اجلاس ۾ صوبن جا وزيراعليٰ ۽ گورنر به شريڪ آهن. جڏهن ته پرڏيهي سفير به شريڪ آهن. اجلاس کان اڳ  قومي ترانو وڄايو ويو، ڪلام پاڪ جي تلاوت ٿي، جنهن کان پوءِ صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بطور 2 ڀيرا چونڊيل صدر جي طور تي پارليامينٽ کي هي منهنجو نائون خطاب آهي.  صدر چيو ته نئين پارلياماني سال جي شروعات تي اسان کي انهي ارادي کي اڳيان وڌائڻو آهي، قومن جو امتحان صرف بحران ۾ نه آهي، اهم موڙ تي به ٿيندو آهي. هن چيو ته جمهوريت جي طاقت آئين، عوامي ثابت قدمي، پارليامينٽ ۽ حڪومت جي ذميواري، هٿياربند فوج جي حوالي سان جڙيل آهي ملڪي خودمختياري جو تحفظ آئين جي حڪمراني ۽ معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. پنهنجن شهرين جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ترقي ۽ استحڪام جو عمل اڳيان وڌائڻ آهي.

صدر چيو ته اڄ اسان انهن بنيادن تي بيٺل آهيون جنهن کي اسان جي  قومي جدوجهد جي معمارن رکيو هو. قائداعظم اهڙي جمهوري رياست جو تصور پيش ڪيو جيڪا آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي قائم هجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي گڏيل آئين ڏنو. هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد قرباني ۽ مثالي قيادت سان جمهوري عمل کي مضبوط ڪيو. پارليامينٽ جي بالادستي تي منهنجو ايمان صرف لفظن تائين محدود نه آهي، عملي قدمن مان ظاهر آهي ته سلامتي ڪونسل جي رپورٽ ۾ افغاني دهشتگردن کي علاقائي کان وڌي عالمي خطرو قرار ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته پارليامينٽ کي هر خطاب جمهوريت جي تسلسل، آئين جي بالادستي ۽ قومي ذميواريءَ جي ياد ڏياريندڙ هوندو آهي. صدر چيو ته قومن جو امتحان رڳو بحرانن ۾ نه پر اهم موڙن تي به ٿيندو آهي، جڏهن ته جمهوريه جي طاقت آئين، عوام جي ثابت قدمي، پارليامينٽ، حڪومت جي ذميواري ۽ هٿياربند فوجن جي حوصلن ۾ مضمر آهي. نئين پارلياماني سال جي شروعات تي اسان کي ملڪ جي خودمختياري، آئين جي حڪمراني ۽ معاشي ترقي لاءِ عزم سان اڳتي وڌڻو پوندو.

صدر آصف علي زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي ٻڌل جمهوري رياست جو تصور ڏنو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي متفقه آئين ڏنو، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي قربانين سان جمهوري عمل کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي تي سندس ايمان رڳو لفظن تائين محدود ناهي، ڇو ته ماضي ۾ صدارتي اختيار پارليامينٽ کي واپس ڪيا ويا ۽ 18هين ترميم ذريعي صدر جو عهدو وفاق جي وحدت جي علامت بڻيو.

صدر ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجن جو ذڪر ڪندي چيو ته گذريل ڏهن مهينن دوران قوم پيچيده حالتن کي منهن ڏنو، پر جڏهن به قومي خودمختياري کي چيلينج ڪيو ويو ته پاڪستان صبر ۽ مضبوط عزم جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ٻنهي سرحدن تي بلااشتعال حملن جو هٿياربند فوجن پيشاورانه مهارت سان جواب ڏنو. صدر آصف علي زرداري موجب 2025 پاڪستان لاءِ فيصلائتو سال ثابت ٿيو، جتي “معرڪهٔ حق” ۾ ڪاميابي صرف عسڪري نه پر قومي عزم جي فتح هئي. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جو عسڪري ۽ سفارتي محاذن تي ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ عالمي برادري پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو.

هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي، ڇو ته ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ کان سواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ممڪن ناهي. افغانستان بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته دهشتگرد تنظيمن کي پناهه ڏيڻ خطي ۽ دنيا لاءِ خطرو آهي. پاڪستان هميشه سفارتڪاري کي ترجيح ڏني آهي ۽ جنگ کي آخري آپشن سمجهي ٿو، پر پنهنجي سرزمين تي حملا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. صدر ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنہ اي جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان برادر ملڪ ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالمت جي حمايت جاري رکندو ۽ خطي ۾ امن، تحمل ۽ ڳالهين تي زور ڏئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جا چين، آمريڪا، سعودي عرب، ترڪي ۽ ٻين دوست ملڪن سان لاڳاپا نون اوچائين ڏانهن وڌي رهيا آهن، جڏهن ته سي پيڪ فيز ٽو ملڪ جي بنيادي ڍانچي ۽ معيشت ۾ انقلاب آڻيندو.

صدر پاڻيءَ جي مسئلي کي اسٽرٽيجڪ خطرو قرار ڏيندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آبي دهشتگردي آهي ۽ پاڪستان پنهنجي پاڻيءَ جي حق جو دفاع بين الاقوامي قانون تحت ڪندو. معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي صدر چيو ته معاشي استحڪام ۽ قومي سلامتي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. ٽيڪس سسٽم ۾ سڌارا، شفافيت، ٽيڪنالاجي، صاف توانائي، زراعت، سماجي تحفظ ۽ عورتن جي بااختياري حڪومت جون اهم ترجيحات آهن. خطاب جي آخر ۾ صدر چيو ته نئين پارلياماني سال ۾ خودمختياري جو تحفظ، دهشتگردي جو خاتمو، معاشي ترقي، روزگار جا موقعا ۽ وفاقي هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي، ۽ قوم کي آزمائش جي وقت ۾ اتحاد برقرار رکڻ گهرجي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي گڏيل پارلياماني پارٽي جو اجلاس منعقد
Next Article زال پنهجي عاشق سان گڏجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جي ڪارروائي، عورت سميت 3 ڄڻا گرفتار
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

پاڪستان-چين دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ شاندار تقريب، زرعي تحقيق ۽ تعليمي سهڪار تي زور

ٽنڊوڄام (محبوب حسين بوزدار بيوروسنڌھ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين وچ ۾ سفارتي…

3 Min Read
پاڪستان

ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جو مڙهه بدين پهچي ويو، جنازي نماز ادا

ڪراچي شاھراہ فيصل تي نامعلوم ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل بدين واسي ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جو مڙھ بدين پھچي ويو…

2 Min Read
پاڪستان

آءِ ايم ايف وفد جو ايندڙ مهيني پاڪستان پهچڻ جو امڪان، ايف بي آر جي ڪمزور ڪارڪردگي وڏو چيلينج بڻيل

اسلام آباد: (اڱارو: 31 مارچ 2026ع) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي ايندڙ مهيني پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي جنهن…

2 Min Read
پاڪستان

پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ ڪڏهن متوقع آهي؟ روئيت هلال ريسرچ ڪائونسل پيشگوئي ڪري ڇڏي

روئيت هلال ريسرچ ڪائونسل طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي بروز اربع تي ٿيڻ جو…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?