سنڌ حڪومت صوبي ۾ هر گاڏي جي ٿرڊ پارٽي انشورنس لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته بنا انشورنس جي نه هاڻ گاڏي رجسٽرڊ ٿيندي ۽ نه ئي ٽوڪن ٽيڪس جمع ٿي سگهندو. حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن کي 7 لک ۽ معذوري تي 5 لک روپيه معاوضو ملندو.
هن ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير گاڏين جي لاءِ نو فالٽ معاوضه سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پاڪستان جو پهريون جديد ڊيجيٽل انشورنس مانيٽرنگ سسٽم سنڌ ۾ فعال ٿي ويو آهي. وڏي وزير جي ترجمان چيو ته سنڌ موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم کان پوءِ نون قلمن جو اضافو ڪيو ويو آهي. روڊ حادثن جي متاثرين کي مالي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.
هن چيو ته وڏي وزير ايڪسائيز کاتي کي قانون تي سختي سان عمل يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گاڏين جي منتقلي لاءِ به هاڻ ويلڊ انشورنس پاليسي جو هجڻ لازمي هوندو. مراد علي شاهه چيو آهي ته روڊ سيفٽي ۽ صارفين کي حقن جي تحفظ لاءِ اهو قدم اهم آهي، ٿرڊ پارٽي انشورنس جو قانون حادثي جي متاثر غريب خاندانن جي لاءِ وڏو سهارو ثابت ٿيندو. متاثر ٿيل شهري کي قانون جي تحت فوري طور تي مالي رليف ملندو. سسٽم کي ايترو شفاف بنائي ڇڏيو آهي جو جعلي انشورنس جو رستو هميشه جي لاءِ بند ٿي ويندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عوام کي انهي نئين قانون جي فائدن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم هلائي ويندي، ٽيڪس ڪلنيڪشن سان گڏوگڏ عوام کي سروسز فراهم ڪرڻ اسان جو اصل مقصد آهي.
