فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت پاران هلائي ويندڙ ڪوڙي ۽ بي بنياد پروپيگنڊا کي ان وقت سخت ڌڪ رسيو، جڏهن پاڪستان جي مختلف مذهبن ۽ فڪري مڪتبن جي مذهبي اڳواڻن گڏيل طور فاروق آباد جو دورو ڪري سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت جي ٻيهر تعمير جو اعلان ڪيو. اڳواڻن عملي طور سرن جي رکڻ سان تعميراتي ڪم جي شروعات پڻ ڪئي ۽ واضح ڪيو ته ڌرم شالا کي ان جي اصل تاريخي حالت مطابق بحال ڪيو ويندو.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙيون خبرون هلائي رهي هئي ته شيخوپوره ضلعي جي فاروق آباد واري علائقي ۾ موجود سک برادري جي گوردواري تي مبينا طور قبضو ڪيو ويو آهي يا ان کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. پاڪستاني مذهبي اڳواڻن انهن دعوائن کي مڪمل طور ڪوڙو ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو.
دوري دوران اڳواڻن ٻڌايو ته جنهن عمارت بابت پروپيگنڊا ڪئي وئي، اها دراصل هڪ تاريخي ڌرم شالا (ويهڪ) آهي، جيڪا پاڪستان جي قيام کان به اڳ واري دور کان پنهنجي اصل صورت ۾ موجود آهي. وقت گذرڻ ۽ عمارت جي پراڻي هجڻ سبب ان جي هڪ ڀت خستہ حال ٿي ڪري پئي هئي، جنهن کي هاڻي ٻيهر تعمير ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ان واقعي کي مذهبي رنگ ڏئي پاڪستان خلاف منفي مهم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا حقيقتن سان ڪو به واسطو نٿي رکي.
قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي اڳواڻي ۾ وفد فاروق آباد پهتو. وفد ۾ مختلف اسلامي مڪتبن جي مشهور عالمن ۽ مذهبي شخصيتن سميت ٻين مذهبن جا اڳواڻ پڻ شامل هئا، جن گڏيل طور بين المذاهب يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو.
وفد ۾ مولانا زاهد محمود قاسمي، حافظ مقبول احمد، علامه غلام مصطفيٰ حيدري، مولانا فاروق اعظم، مولانا اسلم صديقي، مولانا سلمان عصري ۽ مولانا شاهد سعيدي شامل هئا. ان کان علاوه مسيحي برادري جي نمائندگي بشپ ڪامران ڪئي، جڏهن ته هندو برادري طرفان پنڊت لال ۽ سک برادري طرفان سردار پلوندر سنگهه، سردار رنجيت سنگهه گياني، سردار امرجيت سنگهه، سردار گلاب سنگهه ۽ سردار جڪرن سنگهه پڻ وفد ۾ شامل هئا. فاروق آباد انجمن تاجران جي صدر شيخ شهزاد انجم پڻ دوري ۾ شرڪت ڪئي.
وفد ڌرم شالا جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ گڏيل اعلان ڪيو ته جيڪا ڀت ڪري پئي آهي، ان کي ساڳئي طرز تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو ۽ تاريخي عمارت جي اصل حيثيت، سڃاڻپ ۽ بناوت کي مڪمل طور برقرار رکيو ويندو. اڳواڻن سرن جي رکڻ سان تعميراتي ڪم جو افتتاح پڻ ڪيو، جنهن کي بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري جي علامت قرار ڏنو ويو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته پاڪستان سڀني مذهبن سان تعلق رکندڙ شهرين جو گڏيل وطن آهي، جتي آئين هر شهري کي مذهبي آزادي ۽ برابري جا حق ڏئي ٿو. هن چيو ته غير مسلم شهرين جي عبادتگاهن، مذهبي ماڳن ۽ ثقافتي ورثي جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، جنهن تي هر صورت عمل ڪيو ويندو.
ٻين مذهبي اڳواڻن پڻ پنهنجي خطابن ۾ چيو ته پاڪستان ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو امن، احترام ۽ ڀائپي سان گڏ رهن ٿا. هنن زور ڀريو ته ڪنهن به عبادتگاهه يا مذهبي ماڳ کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته تاريخي عمارتن جي حفاظت ۽ بحالي لاءِ حڪومت ۽ مقامي انتظاميا پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي.
سک برادري جي نمائندن ان موقعي تي پاڪستاني حڪومت، مذهبي اڳواڻن ۽ مقامي ماڻهن جي قدمن کي ساراهيو. هنن چيو ته ڌرم شالا جي بحالي ۽ ان جي اصل حالت ۾ مرمت جو اعلان سک برادري لاءِ اطمينان جو باعث آهي ۽ اهو عمل دنيا کي مثبت پيغام ڏئي ٿو ته پاڪستان ۾ اقليتن جي مذهبي ۽ ثقافتي ورثي جو احترام ڪيو وڃي ٿو.
وفد جي ميمبرن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ غلط فهميون پيدا ٿين ٿيون، پر بين المذاهب هم آهنگي کي به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هنن عالمي برادري ۽ عالمي ميڊيا تي زور ڏنو ته هو ڪنهن به خبر کي بنا تصديق جي قبول ڪرڻ بدران زميني حقيقتن جو جائزو وٺن.
مذهبي اڳواڻن آخر ۾ واضح ڪيو ته پاڪستان جا مسلمان پنهنجي غير مسلم ڀائرن جي حقن جا محافظ آهن ۽ حڪومت پاڪستان اقليتي برادرين کي مڪمل تحفظ، مذهبي آزادي ۽ سندن عبادتگاهن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هنن چيو ته پاڪستان ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن جي عزت، احترام ۽ برابر حقن کي يقيني بڻائڻ قومي ذميواري آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
