چوٽياريون سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي پوٽي ۽ مخدوم محبوب الزمان جي صاحبزادي جونيئر مخدوم محمد امين فهيم جي پهرين سالگرهه جي تقريب سروري جماعت جي چيف خليفي سيد نورمحمد شاهه طرفان ٽنڊومٺاخان لڳ سندس ڳوٺ سيد نورمحمد شاهه ۾ منعقد ڪئي وئي.
تقريب ۾ سروري جماعت جي معززين، سيد برادري ۽ عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ جونيئر مخدوم محمد امين فهيم جي درازي عمر، صحت ۽ ڪاميابي لاءِ دعائون گهريون ويون.
تقريب دوران سمورن آيل مهمانن کي ننگر پڻ ڪرايو ويو، جڏهن ته محفل خوشي ۽ روحانيت واري ماحول ۾ جاري رهي
ٽنڊومٺاخان ويجهو جونيئر مخدوم محمد امين فهيم جي پهرين سالگرهه تقريب منعقد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
