ڪراچي: (ڇنڇر: 28 مارچ 2026ع) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر ون ۾ عوام متحد ٿي ڦر جي واردات ناڪام بنائي ڇڏي جڏهن ته 2 ڦورو شهرين جي فائرنگ سبب مارجي ويا، جڏهن ته جوهر موڙ تي به شهرين هٿان 2 ڦورو مارجي ويا.
رپورٽ موجب اورنگي ٽائون سيڪٽر ون ۾ قائم دڪان ۾ ڦر جي واردات دوران عوام ڦر ڪندڙ ڦورن جو گهيراءُ ڪيو جنهن کان مزاحمت دوران ڦر جي واردات ناڪام بنائي ڇڏي. انهي دوران عوام جي تشدد ۽ فائرنگ سبب ٻئي ڦورو ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته مزاحمت سبب 4 شهري به زخمي ٿي پيا.
اورنگي ٽائون ٿاڻي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب مزاحمت جي دوران دڪاندار سميت چار واٽهڙو به زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب زخمين جي سڃاڻپ ڪاشان حسين، حسن، آصف ۽ عبدالرحمان جي نالن سان ٿي آهي.
ايس ايڇ او اورنگي ٽائون خميسو خان موجب مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ عمر خان ولد عالم خان ۽ شهباز ولد شير باچا جي نالن سان ٿي جيڪا بنارس جا رهواسي هئا، جڏهن ته انهن جو ڪرمنل رڪارڊ به سامهون اچي ويو آهي.
هوڏانهن جوهڙ موڙ فلائي اوور تي به ڪار سوار شهري ڦر ڪندڙ موٽر سائيڪل تي سوار ڦورن جو پيڇو ڪري انهن کي گاڏي جي ٽڪر سان هيٺ ڪيرايو ۽ پوءِ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته ٽيون ڦورو رڪشا ۾ ويهي فرار ٿي ويو.
