اسلام آباد: (ڇنڇر: 28 مارچ 2026ع) عالمي منڊي ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب پاڪستان ۾ به اڄ کان گاسليٽ 4 روپيه 66 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي نئين قيمت 433 روپيه 40 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ اضافو اڄ کان ئي لاڳو ٿيندو.
ٻئي طرف پيٽرول جي في ليٽر قيمت 321 روپيه 17 پئسا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 335 روپيه 86 پئسا برقرار رکي وئي آهي. حڪومت پيٽرول تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي 95 روپيه 59 پئسا في ليٽر پي ڊي سي جي مد ۾ ادا ڪندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت ڊيزل تي آئل مارڪيٽ ڪمپنين کي 203 روپيه 88 پئسا في ليٽر پي ڊي سي جي مد ۾ ادا ڪندي.
