دادو: ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي ضلعي ڀر ۾ سماجي برائين جي خاتمي لاءِ پوليس جون ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، جن دوران جوارين ۽ منشيات فروش خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪيون ويون آهن۔
تفصيل موجب،
ايس ايڇ او ٿاڻو بورڙي شاهنواز اوٺو جي اڳواڻي ۾ بورڙي پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 2 جوابازن کي گرفتار ڪري ورتا گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ خالد لانڊر ۽ عبيدالله کوسو جي نالن سان ٿي آهي۔ ڪارروائي دوران جوا ۾ استعمال ٿيندڙ رقم ۽ تاش جا پتا هٿ ڪيا ويا۔ جوابدارن خلاف جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔
ٻئي پاسي، ٿاڻو دادو اي سيڪشن پوليس پي سي بي گرائونڊ ڀرسان ڪارروائي ڪندي منشيات فروش سعيد احمد منگي کي گرفتار ڪري ورتو۔ ملزم وٽان آئس (منشيات) هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔
پوليس موجب، ضلعي ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون۔
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي سماجي برائين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
