ڀارت جي مشهور ۽ ليجنڊري گلوڪاره آشا ڀوسلي 92 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن سان موسيقي جي دنيا هڪ وڏو نالو وڃائي ويٺي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، 92 ورهين جي آشا ڀوسلي کي هفتي جي ڏينهن طبيعت خراب ٿيڻ سبب ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. رپورٽن مطابق، کين سينو جي انفڪشن جي ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران سندن حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آشا ڀوسلي جو انتقال ڪيترن ئي عضون جي ڪم ڪرڻ بند ٿيڻ سبب ٿيو. سندن لاڏاڻي جي خبر سان سندن مداحن ۽ موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
آشا ڀوسلي جي پٽ آنند ڀوسلي موجب، سندن آخري رسمون سڀاڻي شام ادا ڪيون وينديون. خاندان پاران پڻ مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي وئي آهي.
آشا ڀوسلي جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر سندن پوٽي زنائي ڀوسلي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ “ايڪس” تي شيئر ڪئي هئي، جتي هن پنهنجي دادي جي صحت بابت ڄاڻ ڏني هئي.
آشا ڀوسلي پنهنجي ڊگهي فني ڪيريئر دوران هزارين گانا ڳايا ۽ موسيقي جي دنيا ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ حاصل ڪئي. سندن آواز نه صرف ڀارت پر سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويندو هو، ۽ هوءَ پنهنجي فن جي ذريعي هميشه ياد رکي ويندي۔
