دبئي مان ايندڙ رپورٽن موجب پاڪستان جي امن ڪوششن ۽ سفارتي سرگرمين عالمي سطح تي وڏي اهميت حاصل ڪري ورتي آهي، جتي خاص طور تي پاڪستاني فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جو نالو نمايان طور تي سامهون آيو آهي. ابوظبي مان شايع ٿيندڙ معروف اخبار “دا نيشنل” پنهنجي تجزئي ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير کي “ٽرمپ جو فيورٽ فيلڊ مارشل” قرار ڏيندي چيو آهي ته هو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب هن صورتحال نه رڳو خطي جي سيڪيورٽي تي اثر وڌو آهي پر عالمي توانائي جي فراهمي ۽ معيشت تي به گهرو اثر ڇڏيو آهي، جنهن سبب دنيا جي وڏين قوتن جي نظر هاڻي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي مرکوز ٿي وئي آهي.
اخبار لکي ٿو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ فيلڊ مارشل عاصم منير به عالمي سطح تي اهم شخصيت طور اڀري آيا آهن، خاص طور تي ان وقت جڏهن واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي. پاڪستان طرفان ثالثي جي ڪوششن کي ڪيترن ئي مبصرن مثبت قدم قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي سفارتي ڪردار سان نه رڳو تڪرار گهٽجي سگهي ٿو پر خطي ۾ استحڪام به اچي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ اهو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته گذريل سال جون ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ميزباني ڪئي هئي، جتي هن کين “تمام غير معمولي انسان” قرار ڏنو ۽ ذاتي طور تي به تعريف ڪئي.
ان کان علاوه اخبار سعودي عرب طرفان ڏنل اعزاز “ڪنگ عبدالعزيز ميڊل فرسٽ ڪلاس” جو به حوالو ڏنو، جيڪو فيلڊ مارشل کي سندن خدمتن جي اعتراف طور ڏنو ويو. تجزئي ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا اعزاز ۽ عالمي سطح تي مڃتا ڪنهن به فوجي اڳواڻ جي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا ۽ ان جي عالمي سڃاڻپ ۾ اضافو ڪن ٿا. فيلڊ مارشل عاصم منير جي پيشورانه زندگي تي روشني وجهندي اخبار لکي ٿو ته هن پاڪستاني فوج جي قيادت سنڀالڻ کان اڳ ملڪ جي ٻن اهم خفيه ادارن، انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ۽ ملٽري انٽيليجنس جي به سربراهي ڪئي آهي، جيڪا سندن تجربي ۽ حڪمت عملي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي.
اخبار وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته گذريل سال مئي ۾ ڀارت سان چار ڏينهن جاري رهندڙ فضائي ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪستاني حڪومت فيلڊ مارشل عاصم منير کي اعليٰ فوجي عهدو ڏنو. رپورٽ موجب اها ترقي سندن بهادري، قيادت، ۽ ملڪ جي خودمختياري جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪوششن جي مڃتا طور ڏني وئي. اخبار جي تجزئي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته فيلڊ مارشل منير جي قيادت هيٺ پاڪستاني فوج نه رڳو دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻايو آهي پر خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ به اهم قدم کنيا آهن.
“دا نيشنل” پنهنجي رپورٽ ۾ آمريڪي صدر جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽروٿ سوشل” تي ڪيل بيانن جو به حوالو ڏنو، جتي ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير جي شخصيت ۽ قيادت جي واکاڻ ڪئي. اهڙي قسم جا بيان عالمي سطح تي سياسي ۽ سفارتي اهميت رکن ٿا، ڇو ته اهي ملڪ جي لاڳاپن ۽ باهمي اعتماد کي ظاهر ڪن ٿا. تجزئي نگارن جو خيال آهي ته پاڪستان جو وڌندڙ سفارتي ڪردار ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ عالمي معاملن ۾ وڌيڪ فعال ٿي رهيو آهي.
رپورٽ موجب، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري آهن، ۽ جيڪڏهن اهڙيون ڪوششون ڪامياب ٿين ٿيون ته اهو نه رڳو خطي لاءِ پر سڄي دنيا لاءِ مثبت نتيجا آڻي سگهي ٿو. توانائي جي فراهمي، عالمي واپار ۽ سياسي استحڪام جهڙا اهم معاملا اهڙي تڪرار سان سڌي طرح لاڳاپيل آهن، تنهن ڪري پاڪستان جي ڪردار کي وڏي اهميت ڏني پئي وڃي.
آخر ۾ چيو ويو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي وڌندڙ عالمي سڃاڻپ ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن عالمي ميڊيا ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي، جتي پاڪستان کي هڪ ذميوار ۽ فعال ملڪ طور ڏٺو پيو وڃي جيڪو نه رڳو پنهنجي مفادن جي حفاظت ڪري رهيو آهي پر عالمي امن لاءِ به ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
