ڪراچي سنڌ ۾ اقليتن سان زيادتيون برداشت نه ڪنداسين، اقليتن کي جائز حق ڏيارڻ کي يقيني بڻايو ويندو، پوئتي پيل مينارٽي جي ماروئڙن لاءِ سنڌ مالي معاونت جا پروگرام متعارف ڪرايا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار مينارٽي افيئر بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سلاحڪار ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي پنهنجي آفيس ۾ پاڪ سوچ اخبار جي وفد سان ملاقات ڪرڻ بعد ڪيو، ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي چيو ته سنڌ ۾ اقليتن جي بيروزگار نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين ڪوٽا ڏني پئي وڃي، تعليمي ادارن جي داخلا ۽ اسڪالرشپ ۾ اقليتن جي شاگردن کي ڪوٽا ڏني پئي وڃي، اسان جو مقصد اقليتن مان احساس محرومي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ آهي جنهن تي عمل پيرا آهيون، ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي چيو ته اقليتن جي ملڪيتن تان قبضا هٽائڻ لاءِ ۽ اقليتن جا مسئلا ترجيحي بنيادن حل ڪرڻ لاءِ هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خاص هدايتون جاري ڪيل آهن اسان جو مقصد معاشري ۾ اقليتن کي برابري ڏيارڻ آهي جنهن لاءِ سنڌ سرڪار ڪوشان آهي
