قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ليسڪو جي انتظام هيٺ ايئر اوينيو گرڊ اسٽيشن برڪي لاهور ۾ 11 ڪي وي پڊهانه- 2 فيڊر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. اهو منصوبو 3 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان رڳو 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر منصوبي جي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي تعريف ڪئي. هن چيو ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي لاءِ بنيادي انفراسٽرڪچر جي مضبوطي اڻٽر آهي. هن چيو ته اهڙا منصوبا نه رڳو عوام کي فوري رليف فراهم ڪندا آهن پر ڊگهي وقت واري ترقي ۽ عوامي اعتماد جي بحالي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عوامي ڀلائي جي منصوبن جو سلسلو ان ئي جذبي ۽ تسلسل سان جاري رهندو. واضح رهي ته ان کان اڳ 11 ڪي وي پڊهانه فيڊر 132 ڪي وي غازي گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيل هو ۽ اٽڪل 400 ايمپيئر لوڊ تي هلي رهيو هو جنهن ڪري سسٽم تي دٻاءُ، وولٽيج ڊراپ ۽ لائن لاسز جهڙا مسئلا پيدا ٿي رهيا هئا. انهن مسئلن جي حل لاءِ ايريا پلاننگ تحت نئون 11 ڪي وي پڊهانه 2 فيڊر قائم ڪيو ويو ۽ ان کي 132 ڪي وي ايڪس ايئر اوينيو گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. ان منصوبي جي نتيجي ۾ علائقي ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام ۾ نمايان بهتري ايندي، وولٽيج ڊراپ ۽ ٽرپنگ جهڙن مسئلن ۾ واضح گهٽتائي ٿيندي جڏهن ته علائقي واسين کي بهتر ۽ بنا رڪاوٽ بجلي جي سهولت ملي سگهندي.
