• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي فڪر محڪوم قوم کي بيداري، خوداعتمادي ۽ مسلسل جدوجهد جو شعور عطا ڪيو : وزيراعظم
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي فڪر محڪوم قوم کي بيداري، خوداعتمادي ۽ مسلسل جدوجهد جو شعور عطا ڪيو : وزيراعظم

admin
Last updated: April 21, 2026 9:07 am
admin
Share
SHARE

وزيراعظم محمد شهباز شريف مفڪر اسلام، شاعر مشرق ۽ مصور پاڪستان علامه محمد اقبال رحمته الله کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس فڪر هڪ محڪوم قوم کي بيداري، خوداعتمادي ۽ مسلسل جدوجهد جو شعور عطا ڪيو، اڄ جي قومي ۽ عالمي حالتن ۾ سندس پيغام اسان جي لاءِ غيرمعمولي اهميت رکي ٿو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پوري قوم پاران علامه محمد اقبال رحمته الله کي دلي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو محسن ۽ عظيم فڪري اڳواڻ هو، علامه اقبال خودي، عمل، ايمان ۽ فڪري آزادي جو پيغام ڏنو، علامه اقبال جي فڪر هڪ محڪوم قوم کي بيداري، خوداعتمادي ۽ مسلسل جدوجهد جو شعور عطا ڪيو. هن چيو ته اڄ جي قومي ۽ عالمي حالتن ۾ علامه اقبال جو پيغام اسان جي لاءِ غيرمعمولي اهميت رکي ٿو. فڪري انتشار، انتهاپسندي، معاشرتي عدم برداشت ان ڳالهه جا گهرجائو آهن ته اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي کي علامه اقبال جي فڪري تربيت جي روشني ۾ قائم ڪريون، علامه اقبال محبت، اخوت ۽ ملت جي بيداري کي زندگي جو مقصد قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته علامه اقبال جي نظرين جي روشني ۾ پرامن، اتحاد، علم، ڪردار ۽ انصاف جي مضبوط بنيادن تي قائم پاڪستان ئي اسان جو مستقبل آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي مڪمل خاتمي ۽ هڪ معتدل ۽ هم آهنگ معاشرو قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم  ياد ڏياريو ته علامه اقبال جو نوجوان نسل جي تربيت تي خاص ڌيان هو، هن نوجوانن کي ملت جو سرمايو ۽ مستقبل جو معمار قرار ڏنو، نئين نوجوان نسل کي علم، هنر، ڪردار، خودداري ۽ حب الوطني سان ليس ڪرڻ قومي مستقبل جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته حڪومت ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته تعليم کي فڪري، اخلاقي ۽ قومي بنيادن تي قائم ڪرڻ کانسواءِ قومي ترقي جو خواب مڪمل نه ٿو ٿي سگهي، انهي نظريي تحت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، انهن کي جديد مهارتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ قومي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا نوجوان جيڪڏهن اقبال جي فڪر مان رهنمائي حاصل ڪن ته اهي ملڪ کي ترقي ۽ استحڪام ۽ وقار جي نئين منزلن سان همڪنار ڪري سگهن ٿا، نوجوانن سان گڏ پوري قوم جي لاءِ به علامه اقبال اميد ۽ مسلسل اڳتي وڌڻ جو درس ڏنو جيڪو اسان جي قومي امنگن جي ترجماني ڪري ٿو. هن چيو ته اقبال ڏهاڙي جي موقعي تي اچو اهو وچن ڪريون ته اقبال جي فڪر کي پنهنجي قومي پاليسي، تعليمي ترجيحن ۽ گڏيل طرز فڪر جو حصو بڻائينداسين ۽ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪريون جيڪو هڪ شاندار مستقبل جو ضامن هجي، انشاءَ الله.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article علامه محمد اقبال پاڪستان جي تصور کي فڪري سگهه عطا ڪئي: صدر آصف علي زرداري
Next Article قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ايئر اوينيو گرڊ اسٽيشن برڪي لاهور ۾ 11 ڪي وي فيڊر جو افتتاح
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

وزيراعظم ڳالهين جي دعوت ڏني، پر حڪومت سان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ملاقات واري ڏينهن به باني پي ٽي آءِ عمران…

2 Min Read
پاڪستان

معرکہ مئي ۾ دشمن پاڪستان جي طاقت ۽ مهارت ڏسي حيران ٿي ويو: پاڪ فضائيه جو سربراهه

ڪاڪول: پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدھو چيو آهي ته گذريل سال مئي ۾ آپريشن…

3 Min Read
پاڪستان

تاجپور پريس ڪلب پاران عمره جي سعادت حاصل ڪندڙن کي مبارڪباد

تاجپور پريس ڪلب جي صدر فيض جمالي پنهنجي ساٿين سان گڏ سيد جعفر شاهه پاڙي ۾ پهچي، عمره جي سعادت…

1 Min Read
پاڪستانتازھ ترينجنرلدلچسپدنيارانديونسائنس ٽيڪنالاجيشوبزصحيتعلاقائيڪاروبار

آمريڪي صدر ٽرمپ جو يو ٽرن، مودي کي ڪيترائي ڀيرا تنقيد جو نشانو بنائڻ کان پوءِ دوست قرار ڏئي ڇڏيو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي وزيراعظم مودي کي ڪيترائي ڀيرا تنقيد جو نشانو بنائڻ کان پوءِ دوست قرار ڏئي ڇڏيو.…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?