تحرير: مجاهد بوزدار
وقت جو ڦيٿو مسلسل گردش ڪندو رهي ٿو. ڏينهن مهينن ۾،مهينا ورهين ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا وقت سان گڏ ڪيترائي زخم ڀرجي ويندا آهن پر ڪي زخم اهڙا به هوندا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ گهرا ٿيندا ويندا آهن سنڌ جي ضلعي سکر ڀرسان واقع ننڍڙي ڳوٺ سنگرار جي هڪ هندو خاندان جي ڪهاڻي به اهڙي ئي هڪ نه وسرندڙ درد جي داستان آهي جيڪا پنج ورهيه گذرڻ باوجود اڄ به تازو زخم بڻيل آهي ڏهين محرم جنهن ڏينهن دنيا جا ڪروڙين مسلمان حضرت امام حسين عليه السلام ۽ شهيدنِ ڪربلا جي لازوال قربانين کي عقيدت سان ياد ڪن ٿا اهو ئي ڏينهن سنگرار جي هڪ ماءُ لاءِ پنهنجي معصوم نياڻي کان هميشه لاءِ وڇوڙي جي شروعات بڻجي ويو پنج سال اڳ انهيءَ ئي ڏينهن ست ورهين جي معصوم پريا ڪماري گهر ڀرسان راند ڪندي اوچتو پراسرار نموني گم ٿي وئي اڄ تائين نه سندس ڪو پتو پئجي سگهيو آهي نه ئي سندس قسمت بابت ڪو يقيني جواب ملي سگهيو آهي جيڪڏهن ڪنهن ماءُ جي نظرن کان سندس ٻار رڳو ڪجهه گهڙين لاءِ به اوجهل ٿي وڃي ته سندس ساهه سڪي وڃي ٿو دل بيقرار ٿي وڃي ٿي ۽ هوءَ هر طرف ڊوڙي پنهنجي ٻار کي ڳوليندي رهي ٿي پر تصور ڪيو انهيءَ ماءُ جي حالت جو جنهن پنهنجي ڌيءَ کي هڪ ڏينهن يا هڪ مهينو نه پر لڳاتار پنج سال کان نه ڏٺو هجي پريا ڪماري جي ماءُ جي هر صبح اڄ به هڪ نئين اميد سان شروع ٿئي ٿي شايد اڄ در کڙڪندو شايد اڄ ڪو فون ايندو شايد اڄ ڪا خوشخبري ملندي شايد اڄ منهنجي ڌيءَ واپس ايندي پر هر شام ساڳئي مايوسي ساڳيا ڳوڙها ۽ ساڳيو انتظار سندس قسمت بڻجي وڃن ٿا هي پنج سال رڳو ڪئلينڊر جا پنج ورق ناهن پر هڪ ماءُ جي دعائن،سجدن،فريادن،لڙڪن ۽ ٽٽندڙ اميدن جي ڊگهي ڪهاڻي آهن سندس دل ۾ اڃا به اها آس زندهه آهي ته شايد پريا ڪنهن هنڌ زندهه هجي ۽ هڪ ڏينهن ڊوڙي اچي کيس ڀاڪر پائي پر انهيءَ اميد سان گڏ هڪ خوف به هر پل سندس دل کي چيري رهيو آهي جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ هاڻي هن دنيا ۾ نه هجي ته؟ اهو ئي سوال هن ماءُ کي هر لمحي اندر ئي اندر ٽوڙي رهيو آهي ڌيءَ رڳو ماءُ جي نه پر پيءُ جي به سڄي دنيا هوندي آهي جنهن پيءُ پنهنجي ننڍڙي گڏي لاءِ تعليم،خوشين ۽ روشن مستقبل جا خواب ڏٺا هئا اڄ اهو ئي پيءُ پنجن ورهين کان رڳو هڪ خواب ڏسي رهيو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ريت سندس ڌيءَ واپس اچي وڃي چوندا آهن ته مرد گهٽ روئندا آهن پر ڪي ڏک اهڙا هوندا آهن جيڪي ڳوڙهن سان نه، پر خاموشيءَ سان وهندا آهن پريا ڪماري جي والد جي خاموشي به اهڙي ئي اذيت جو داستان آهي هر نامعلوم فون ڪال تي سندس دل زور سان ڌڙڪي ٿي هر ايندڙ خبر ۾ هو اميد ڳولي ٿو پر هر دفعي مايوسي ئي سندس نصيب بڻجي وڃي ٿي پريا ڪماري هاڻي رڳو هڪ خاندان جي ڌيءَ نه رهي آهي پر سنڌ جي هندو برادري جي گڏيل درد ۽ احساس جي علامت بڻجي چڪي آهي گذريل پنجن ورهين دوران هندو برادري ڪيترائي احتجاج،ريليون،ڌرڻا ۽ ميڻ بتيون روشن ڪري حڪومت کان مطالبو ڪندي رهي آهي ته معصوم نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي قومپرست جماعتن،سياسي ۽ سماجي تنظيمن،مذهبي اڳواڻن،انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي به هن ڪيس کي زندهه رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي جيئن هي معاملو وقت جي مٽي هيٺ دفن نه ٿي وڃي هن ڪيس ۾ گڏيل جاچ ٽيم (JIT) قائم ڪئي وئي مختلف علائقن ۾ کوٽايون ڪيون ويون،ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار ٿيا پوليس جا آفيسر تبديل ٿيندا رهيا ڪيترائي ايس ايڇ او،ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي اچي ويا ۽ هليا ويا سنڌ جي وڏي وزير،گهرو وزير،آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين ڪيترائي ڀيرا يقين ڏياريو ته پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو ويندو ڪڏهن چيو ويو ته اهم سراغ مليا آهن ڪڏهن دعويٰ ڪئي وئي ته خوشخبري جلد ملندي تازو گهرو وزير اهو به بيان ڏنو ته جنهن مبينا ڏوهاري وٽ پريا ڪماري هجڻ جو شڪ هو اهو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي جڏهن ته نينگري جي ڳولا جاري آهي پر پنج سال گذرڻ باوجود حقيقت اها ئي آهي ته نه پريا گهر موٽي سگهي آهي نه سندس موجوده حالت بابت ڪا واضح ڄاڻ ملي آهي ۽ نه ئي اها خبر ملي آهي ته هوءَ زندهه آهي يا نه جيڪڏهن ايتري وڏي رياست،سندس قانون لاڳو ڪندڙ ادارا،جاچ ٽيمون ۽ جديد وسيلا گڏجي به هڪ معصوم نينگري جو پتو نه لڳائي سگهن ته پوءِ سوال صرف هڪ خاندان جو نه پر سڄي سماج جو بڻجي وڃي ٿوڇا پريا ڪماري زندهه آهي؟جيڪڏهن زندهه آهي ته ڪٿي آهي؟جيڪڏهن نه، ته ذميوار ڪير آهي؟۽ جيڪڏهن جاچ اڃا تائين جاري آهي ته پنجن ورهين کان پوءِ به نتيجو ڇو سامهون نه اچي سگهيو؟
