• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڪالم
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
آرٽيڪل

ڪالم

admin
Last updated: May 26, 2026 7:35 am
admin
Share
SHARE

وقت جي وهڪرن جي ڪڙي

عيد ۽ عوام الناس

سيد غلام حيدر شاھ قلندري

هر سال جيان هن سال به عيد اچي رهي آهي، جتي جانورن جي قرباني ٿيندي، اتي ئي ٻئي طرف ڪيتريون ئي ٻيون قربانيون به ڏسڻ ۾ اينديون. هڪ طرف ڀريل ڀڀ وارن جي هاضمي جي قرباني ۽ سندن ڪمايل صفا صاف ڏوڪڙن جي ڊاڪٽرن وٽ قرباني ٿيندي، ته ٻئي طرف ويچارن شراب جي گتن وارن جي، ڏينهن رات سروس ڏيڻ جي قرباني هوندي. مسڪينن ۽ غريبن جي خالي ٺڪرن ۽ بغير گوشت جي گهرن ۾ پهچڻ جي قرباني؛ فرجن مان ٻين شين جي ٻاهر نيڪاليءَ جي قرباني؛ ته ڪاسائين جي ريٽ اڳيان قرباني ڪرڻ وارن جي قرباني!

​عيد تي پنهنجي همعصر اولاد کي نون ڪپڙن ۽ جوتن ۾ ملبوس ڏسندڙ، معصوم ٻارڙن جي اداس اکڙين ۽ حسرتن جي قرباني؛ وڏن بنگلن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن تي سيلفي ورڪرن جي ٿيلها کائڻ جي قرباني؛ هڪ کان ٻي جاءِ تي موٽرسائيڪل کي اونڌو ڪري، تيل کٽڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ واري قرباني.

​ٻئي طرف واپارين کي من پسند رقم نه ملڻ، پڙين ۾ ڪاري مينهن ۽ ڦنڊرون کڻي ويندڙن جي علمائن جي بحثن مباحثن جي هٿ چڙهي واپس آيل مال، ۽ خرچ کاڄ تي روئڻ ۽ گهر جي ٺڪرن ڀڄڻ واري قرباني. سمجهو ته عوام الناس ڪيترين ئي قربانين مان گذرندي. خاص ڪري منديءَ جو شڪار بلدياتي نظام، جيڪو پنهنجي آخري ڏينهن تي پهچڻ وارو آهي، ۽ نمائندن سان ٿيندڙ جُٺ جي انمول قرباني! چار سال گذري ويا، آسرن ۽ دلاسن ۾ رڳو دهل تي نچڻ ۽ نعرن کان سواءِ مايوسيءَ جي قرباني. شايد شايد، هيءَ ڪنهن ايندڙ وڏي سياسي قربانيءَ جي تياريءَ لاءِ پريشان ٿيندڙ، تخت نشينن جي خمار جي خاتمي جي قرباني آهي.

​سوشل ميڊيا تي ويوز وڌائڻ ۽ اڪائونٽ مونيٽائيز ڪرڻ لاءِ دين ڌرم، بهتان بازي ۽ تنقيد سان پيدا ٿيندڙ امن امان جي قرباني؛ بغض، حسد ۽ ڪيني جي هڻ هڻان ۾ اندر جي تپش ۽ وري ٻاهر گرميءَ جي پد وڌڻ جي قرباني. وڏيرن جي مستين جي سامهون بي وس آبادگارن جي زراعت جي قرباني؛ مارڪيٽ ۾ مکيون ماريندڙ ڪاروباري حضرات جي اوٻاسين جي قرباني. ڀاڻ ۽ تيل چوٽ تي هجڻ باوجود فصل جو اگهه نه هئڻ برابر، وري ڪڻڪ سستي وڪڻي مهانگو اٽو خريد ڪندڙ، بي روزگار ويچارن جي مٿان قربان ٿيندڙ قرباني! چوريون ۽ ڦرون عام جام ٿيڻ ۽ مال واپسيءَ جي اميد ختم ٿيڻ جي قرباني؛ سڄي رات سولر پينل ۽ ٽريڪٽر جي بيٽرين جي حفاظت ڪندڙن جي لڙڪن جي قرباني.

​بس! قربانيءَ مٿان قربانيءَ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا. اصل سنتِ ابراهيميءَ جي قدرن کان الڳ ٿلڳ، هڪ بيگانن انسانن جي آرزوئن جي قرباني…!!

​اچو ته گڏجي اهي قربانيون ڏسون.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article بيوروسنڌھ ٽنڊو ڄام مير برادري جي معزز شخصيت ۽ عثمان شاہ ھڙي جي آباد مير واجد علي ٽالپر جو رضائي الائي سان انتقال ٿي ويو
Next Article حيدرآباد سائيٽ ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين زبير خانگهرا، حالي روڊ کان فتح چوڪ تائين روڊ جي انتهائي خراب حالت
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

آرٽيڪل

پ ٽ الف-تعلقي سيوهڻ جي لجپال پينل جي حلف برداري تقريب جو اکين ڏٺو احوال

تحرير:جاويد سيوھاڻي تاریخ 20 اپريل 2026 تي لجپال شادي حال ڏاڍو روڊ سيوھڻ شريف ۾ 15 فيبروي 2026 تي ٿيل…

6 Min Read
آرٽيڪل

تعليم اسان لاء ڪيتري ضروري؟؟؟

ڪالم: امداد ”عاجز“ نصيراڻي/ شڪارپور

9 Min Read
آرٽيڪل

پنج ورهين جو انتظار، هڪ ماءُ جا لڙڪ،هڪ پيءُ جون اوجاڳيون ۽ رياست کان جواب طلب سوال ڏهين محرم ايندي ئي سنگرار جي فضا ٻيهر سوڳوار، معصوم پريا ڪماري اڄ به گم

تحرير: مجاهد بوزدار وقت جو ڦيٿو مسلسل گردش ڪندو رهي ٿو. ڏينهن مهينن ۾،مهينا ورهين ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا…

6 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?