تحرير:جاويد سيوھاڻي
تاریخ 20 اپريل 2026 تي لجپال شادي حال ڏاڍو روڊ سيوھڻ شريف ۾ 15 فيبروي 2026 تي ٿيل پ ٽ الف اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪندڙ لجپال پينل تعلقي سيوهڻ پاران حلف برداري جي تقريب ڪوٺائي وئي ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ لجپال پينل جي عهديدارن کي پنهنجن عهدن سان سچو رهڻ بابت حلف وفاداري اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين جناب امير بخش هاليپوٽي صاحب جي طرفان ڪرائي وئي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي،نعت شریف کان بعد مسٽر الله وسائي پاران بهترين قلندري ڌمال پيش ڪئي وئي.
بعد م سائين بدرالدين اوٺو صاحب آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو.
ڪامياب عهديدارن کي ضلعي ڄامشوري جي باڊي جي جنرل سيڪريٽري ڪمال الدين خاصخيلي ۽ پريس سيڪريٽري وڪيل احمد اوٺو لونگين جا تحفا پيش ڪيا ۽ سائين حاجي خان اوٺو صاحب سموري باڊي کي ٽوپين جو تحفو ڏنو.پروگرام جي هوسٽنگ لجپال پينل جي نائب صدر فيميل آپا حرا نور شيخ ڪئي.هن رنگارنگ تقريب ۾ ضلعي ڄامشوري جي پ ٽ الف قيادت،سابقه صدر سائين بچل خاصخيلي صاحب،حاليه صدر پ ٽ الف سائين گاجي خان خاصخيلي،تعلقي ٿاڻو بولا خان ۽ مانجهند جي قيادت پڻ شرڪت ڪئي.
ان کان سواء تعليم کاتي جا آفيسر صاحبان ڊپٽي ڊي اِي او ڄامشورو سائين خدا بخش ملاح صاحب،ٽي اِي او پرائمري سيوهڻ سائين نصير محمد لاکو،ٽي اِي او پرائمري فيميل سائين ظهير ڪريم ميمڻ،ٽي اِي او سيڪنڊري سائين محمد علي خشڪ صاحب،اقراء اسڪول ڪيئر ڪالوني جو هيڊ ماسٽر سائين عبدالستار ميمڻ صاحب، آء بي اي هيڊ ماسٽر صاحبان سميت سيوهڻ شريف جي پي ايس ٽي،جي ايس ٽي،ايڇ ايس ٽي استادياڻين،استادن، ليڪچرارن،پروفيسرن، سماجي،سياسي,تنظيمن گواز، سپلا، گسٽا،آپڪا جي عهديدارن،رٽائرڊ استادن ۽ پ ٽ الف ورڪنگ ڪاميٽي جي دوستن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ سڀني ايندڙ مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڙهائي وئي جنهن سان پورو پنڊال اجرڪن سان جرڪي پيو….
تقريرون ڪندي سر امداد حسين ڀنڊ صاحب،سائين امام علي ڏيٿو صاحب، تعليم جي فروغ،استادن جي فلاح و بهبود ۾ تنظيمي ڪردار ۽ سرڪاري ملازمن جي هڪ گڏيل تنظيم قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني ۽ استادن جي مطالبن تي پڻ ڳالهايو،تقريب ۾ سيوهڻ جي گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول مين جي شاگردن اسڪول جي استاد سائين شاھد اوٺو جي رهنمائي هيٺ هڪ بهترين اصلاحي ٽيبلو پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو،روشن تارا هاءِ اسڪول جي شاگرد بادل هاليپوٽو پنهنجي پياري آواز ۾ پرچن شال پنهوار گانو ڳائي ماحول کي موهي وڌو، گورنمينٽ اسڪول اقراء ڪيئر ڪالوني جي شاگردن اسڪول جي استاد سائين فياض ڪنڀر جي رهنمائي هيٺ هڪ دلچسپ مزاحیه خاڪو پيش ڪري سامعين کي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو.ان کان بعد پ ٽ الف اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين جناب امير بخش هاليپوٽو صاحب کٽيل عهديدارن کان وفاداري جو حلف کڻايو.ان کان بعد سائين محمد بخش رند صاحب صدر پ ٽ الف سيوهڻ تقرير ڪندي پنهنجي باڊي جو منشور پيش ڪندي چيو ته:”هو پاڻ ۽ سندس جي سموري ٽيم هر وقت تعلقي سيوهڻ جي استادن جي بنا ڪنهن تفريق جي خدمت لاءِ حاضر هوندي ۽ سيوهڻ جي ڪنهن به استاد سان ڪابه ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي.
پاڻ وڌيڪ خطاب ڪندي چيائون ته اسان استادن جي حقن جي تحفظ ۽ تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون ڪتب آڻينداسين ان عزم سان ته استادن جو اتحاد برقرار رکيو ويندو ۽ سندن جائز مسئلن کي حل ڪرائڻ لجپال پينل جي پهرين ترجيح هوندي.
اسان سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير سائين سردار شاه صاحب جي اسپيسفڪ بجيٽ جي حوالي سان هيڊ ماسٽر/ڊي ڊي اوز کي مڪمل اختيارات ڏيڻ واري فيصلي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا ان قدم سان ڪرپشن جو مڪمل خاتمو ايندو ۽ اها بجيٽ هاڻي سنڌ حڪومت طرفان ڊائريڪٽ اسڪولن کي پيسه ڏيڻ سان اسڪولن جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي وينديون مثال طور اسڪول جو فرنيچر، اسڪول جو رنگ روغن، اسٽيشنري جو سامان، پاڻي پيئڻ جي سهولت ۽ رپيئرنگ جي ڪم سميت هر مسئلو ختم ٿي سگهي ٿو ۽ ڪنهن کي به رشوت ڏيڻ جي ضرورت ناهي اگر حڪومت پيسه ڏيڻ جي سسٽم کي اڃان وڌيڪ آسان بڻائڻ چاهي ٿي ته اهي پيسه ڊائريڪٽ ڊي ڊي اوز جي بينڪ اڪائونٽ ۾ موڪليا وڃن ته جيئن اسان جا هيڊ ماسٽر صاحبان ٻين درپيش ايندڙ تڪليفن کان محفوظ رهي سگهن ۽ گهڻو وقت به ضايع نه ٿيندو.
تقريب جي آخر ۾ محفل موسيقي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو هيو جنهن سان سامعين لطف اندوز ٿيندا رهيا.تقريب جي آخري لمحن ۾ لجپال پينل جي پريس سيڪريٽري سائين تصور جٽ صاحب طرفان آيل سڀني مهمانن جي شرڪت آوريءَ جا ٿورا مڃيا ۽ سڀني مهمانن کي مانجهاندو پيش ڪري هن پروقار تقريب کي خوش اسلوبيءَ سان ختم ڪيو ويو….
سيوهڻ شريف جي تاريخ ۾ هيءَ پهريون ڀيرو اهڙي تقريب ڏسڻ ۾ آئي جنھن جي هر اهلِ علم دل کولي تعريف ڪئي ۽ پوري سٿ جي دعائن سان خوش آمدید ڪئي.
