ممبئي: ڀارت جي مشهور پنجابي گلوڪار ۽ اداڪار گپي گريوال پاڪستاني فنڪارن جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هو مستقبل ۾ پاڪستان جي نامياري ڪاميڊين سهيل احمد سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو.
گپي گريوال هن وقت پنهنجي نئين فلم “ڪيري آن جٽا 4” جي تشهيري مهم ۾ مصروف آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ماضي ۾ پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربن جو ذڪر ڪندي چيو ته ناصر چنيوٽي سندس سٺو دوست آهي، جڏهن ته افتخار ٺاڪر هڪ بهترين ۽ باصلاحيت اداڪار آهي.
گپي گريوال چيو ته جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته هو مستقبل ۾ سهيل احمد سان به ضرور گڏ ڪم ڪرڻ چاهيندو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ماضي ۾ اهڙيون خبرون سامهون آيون هيون ته هو پاڪستان ۾ هڪ پنجابي فلم جي شوٽنگ ڪندو، پر ان وقت جي حالتن سبب اهو منصوبو عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو.
