برلن: جرمني جي اترئين علائقي ۾ هڪ هٿياربند شخص جي فائرنگ جي واقعي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته پوليس مبينا حملي آور سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جرمن پوليس ٻڌايو آهي ته فائرنگ جو واقعو اتر جرمني جي شهر اسٽيڊ ۾ واقع هڪ نوجوانن جي ڀلائي واري مرڪز (يوٿ ويلفيئر سينٽر) ۾ پيش آيو، جتي هڪ هٿياربند شخص اوچتو اندھاڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني.
پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا واقعي واري هنڌ ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي شخص اسپتال منتقل ڪرڻ دوران دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 6 ٿي ويو.
واقعي کان پوءِ پوليس ۽ هنگامي امدادي ٽيمون فوري طور موقعي تي پهتيون، علائقي کي گهيري ۾ وٺي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ اضافي سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا.
جرمن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث مبينا حملي آور سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. جاچ ڪندڙ ادارا فائرنگ جا سبب، حملي آور جي پس منظر ۽ واقعي جي ممڪن محرڪن بابت مختلف پهلوئن کان تحقيق ڪري رهيا آهن.
اختيارين موجب، هن وقت واقعي بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ معلومات جاري ڪئي ويندي. پوليس عوام کان اپيل ڪئي آهي ته غير تصديق ٿيل خبرن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ رڳو سرڪاري ذريعن تان جاري ٿيندڙ معلومات تي ڀروسو ڪيو وڃي.
