• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: راڻيپور: قومي شاهراهه تان غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف وڏي ڪارروائي، قبضا ۽ رڪاوٽون ختم
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

راڻيپور: قومي شاهراهه تان غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف وڏي ڪارروائي، قبضا ۽ رڪاوٽون ختم

admin
Last updated: June 30, 2026 10:05 am
admin
Share
SHARE

راڻيپور (ساجد): راڻيپور شهر مان گذرندڙ قومي شاهراهه تي قائم غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف ضلعي انتظاميا وڏي پيماني تي گڏيل آپريشن ڪندي شاهراهه جي ٻنهي پاسن تان قبضا، عارضي اڏاوتون ۽ ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ بڻيل سامان هٽائي ڇڏيو.

هي ڪارروائي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاهه محمد چانگ جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽائون آفيسر جهانزيب مڱڻيجو، مختيارڪار وقار شيخ، پوليس، موٽروي پوليس ۽ ٽائون ڪاميٽي جي عملي گڏيل طور حصو ورتو.

آپريشن دوران قومي شاهراهه جي ٻنهي ڪنارن تي قائم غيرقانوني قبضا، دڪانن آڏو رکيل سامان، عارضي شيڊ، اسٽال ۽ ٽريفڪ جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻيل ٻين شين کي هٽايو ويو. ٽائون ڪاميٽي جي عملي ڳري مشينري جي مدد سان انڪروچمينٽ ختم ڪرائي، جڏهن ته پوليس ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ سخت حفاظتي انتظام سنڀاليا.

ضلعي انتظاميا موجب قومي شاهراهه تي وڌندڙ غيرقانوني قبضا نه رڳو ٽريفڪ جي رواني کي متاثر ڪري رهيا هئا، پر روڊ استعمال ڪندڙن لاءِ حادثن جو سبب پڻ بڻجي رهيا هئا. انتظاميا جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ شاهراهه تي بنا رڪاوٽ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ اها مهم شروع ڪئي وئي آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاهه محمد چانگ چيو ته سرڪاري زمينن، قومي شاهراهه ۽ ٻين عوامي هنڌن تي ڪنهن به قسم جي غيرقانوني قبضي يا انڪروچمينٽ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن واپارين، دڪاندارن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته هو رضاڪارانه طور سرڪاري حدن اندر قائم غيرقانوني قبضا ختم ڪن، ٻي صورت ۾ قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا جو مقصد ڪنهن سان زيادتي ڪرڻ نه، پر قانون تي عملدرآمد، ٽريفڪ جي بهتر وهڪري ۽ شهرين کي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.

ضلعي انتظاميا موجب قومي شاهراهه سميت ٻين سرڪاري هنڌن تان انڪروچمينٽ ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا آپريشن مستقبل ۾ به بنا ڪنهن امتياز جي جاري رکيا ويندا، جيئن شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ۽ عوام کي محفوظ، آسان ۽ بنا رڪاوٽ آمدرفت جون سهولتون فراهم ٿي سگهن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان
Next Article سانگهڙ ۾ اين پي وي اي پاليسي 2024 تي عملدرآمد بابت اجلاس، شدت پسندي ۽ صنفي تشدد جي روڪٿام لاءِ قدمن تي زور
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪَس جو PIMS باهه واقعي جي جاچ جو مطالبو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪَس (PCCR) اسلام آباد جي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (PIMS)…

1 Min Read
پاڪستان

صالح پٽ ڀرسان سنڌو اڪيڊمي ۾ يومِ آزادي جي تقريب

: صالح پٽ ڀرسان سنڌو اڪيڊمي پاران يومِ آزادي جي حوالي سان پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اڪيڊمي…

1 Min Read
پاڪستان

ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس، شدت 3.4 رڪارڊ

ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا هلڪا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهري ڪجهه دير…

3 Min Read
پاڪستان

ڪشمير، گلگت ۽ ڪي پي ۾ جنوري جي آخر تائين شديد سرد موسم جي اڳڪٿي

اسلام آباد: نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) گلگت بلتستان، اپر خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ممڪن شديد ٿڌ لاءِ الرٽ…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?