• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: راڻيپور: قومي شاهراهه تان غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف وڏي ڪارروائي، قبضا ۽ رڪاوٽون ختم
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

راڻيپور: قومي شاهراهه تان غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف وڏي ڪارروائي، قبضا ۽ رڪاوٽون ختم

admin
Last updated: June 30, 2026 10:05 am
admin
Share
SHARE

راڻيپور (ساجد): راڻيپور شهر مان گذرندڙ قومي شاهراهه تي قائم غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف ضلعي انتظاميا وڏي پيماني تي گڏيل آپريشن ڪندي شاهراهه جي ٻنهي پاسن تان قبضا، عارضي اڏاوتون ۽ ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ بڻيل سامان هٽائي ڇڏيو.

هي ڪارروائي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاهه محمد چانگ جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽائون آفيسر جهانزيب مڱڻيجو، مختيارڪار وقار شيخ، پوليس، موٽروي پوليس ۽ ٽائون ڪاميٽي جي عملي گڏيل طور حصو ورتو.

آپريشن دوران قومي شاهراهه جي ٻنهي ڪنارن تي قائم غيرقانوني قبضا، دڪانن آڏو رکيل سامان، عارضي شيڊ، اسٽال ۽ ٽريفڪ جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻيل ٻين شين کي هٽايو ويو. ٽائون ڪاميٽي جي عملي ڳري مشينري جي مدد سان انڪروچمينٽ ختم ڪرائي، جڏهن ته پوليس ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ سخت حفاظتي انتظام سنڀاليا.

ضلعي انتظاميا موجب قومي شاهراهه تي وڌندڙ غيرقانوني قبضا نه رڳو ٽريفڪ جي رواني کي متاثر ڪري رهيا هئا، پر روڊ استعمال ڪندڙن لاءِ حادثن جو سبب پڻ بڻجي رهيا هئا. انتظاميا جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ شاهراهه تي بنا رڪاوٽ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ اها مهم شروع ڪئي وئي آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاهه محمد چانگ چيو ته سرڪاري زمينن، قومي شاهراهه ۽ ٻين عوامي هنڌن تي ڪنهن به قسم جي غيرقانوني قبضي يا انڪروچمينٽ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن واپارين، دڪاندارن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته هو رضاڪارانه طور سرڪاري حدن اندر قائم غيرقانوني قبضا ختم ڪن، ٻي صورت ۾ قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا جو مقصد ڪنهن سان زيادتي ڪرڻ نه، پر قانون تي عملدرآمد، ٽريفڪ جي بهتر وهڪري ۽ شهرين کي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.

ضلعي انتظاميا موجب قومي شاهراهه سميت ٻين سرڪاري هنڌن تان انڪروچمينٽ ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا آپريشن مستقبل ۾ به بنا ڪنهن امتياز جي جاري رکيا ويندا، جيئن شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ۽ عوام کي محفوظ، آسان ۽ بنا رڪاوٽ آمدرفت جون سهولتون فراهم ٿي سگهن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان
Next Article سانگهڙ ۾ اين پي وي اي پاليسي 2024 تي عملدرآمد بابت اجلاس، شدت پسندي ۽ صنفي تشدد جي روڪٿام لاءِ قدمن تي زور
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ڪراچي ٽائون ۾ بلدياتي سرڪاري اسڪول جي تعمير مڪمل

چيئرمين محمد يوسف جو شيخ سعدي اسڪول سيڪٽر 11-جي جو دورو، نئين عمارت جي تعمير تي اطمينان جو اظهار۔ نئين…

3 Min Read
پاڪستان

پي ٽي آءِ 8 فيبروري تي نئين فساد جو پروگرام تيار ڪيو آهي: عظميٰ بخاري جو دعويٰ

پنجاب جي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري دعويٰ ڪيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 8 فيبروري تي نئين…

1 Min Read
پاڪستان

عمران خان سزا ڀوڳيندو، ڪوبه اين آر او نه ملندو: گورنر خيبرپختونخوا

پشاور: خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان ڳالهيون ٿيون…

2 Min Read
پاڪستان

معظم علي عباسي طرفان فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شموليت کان پوءِ سياسي ماحول گرم ٿيڻ لڳو

حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري سان شھيد مير مرتضي ڀٽو جي پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار عليءَ ڀٽو جي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?