سانگهڙ (30 جون 2026): ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ ضلعي آفيسرن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اين پي وي اي (NPVE) پاليسي 2024 تي مؤثر عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو، جيئن معاشري مان تشدد وارن واقعن جي خاتمي ۽ امن امان جي فروغ کي يقيني بڻائي سگهجي.
سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب، اجلاس ۾ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ پاليسي تحت جاري قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد هدايت ڪندي چيو ته اين پي وي اي پاليسي تي مڪمل عملدرآمد لاءِ سڀئي لاڳاپيل ادارا پاڻ ۾ رابطن کي وڌيڪ مؤثر بڻائين ۽ پنهنجون ذميواريون بهتر نموني نڀائين. هن چيو ته معاشري مان شدت پسندي جي خاتمي ۽ امن، هم آهنگي ۽ استحڪام جي واڌاري لاءِ پاليسي تي عمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاليسي بابت آگاهي مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، جڏهن ته تعليمي ادارن، مقامي برادرين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان رابطا وڌايا ويندا، جيئن شدت پسندي جي روڪٿام بابت شعور پيدا ڪري سگهجي.
ان موقعي تي ڊي ايس پي پرويز قريشي منشيات جي روڪٿام، ڀيڪ گهرڻ خلاف ڪاررواين، مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف کنيل قانوني قدمن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.
ڊپٽي ڪمشنر آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پاليسي تي عملدرآمد بابت باقاعدگي سان اڳڀرائي رپورٽون جمع ڪرائين، جيئن مختلف کاتن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي وڌيڪ مؤثر قدم کنيا وڃن.
اجلاس دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته ڊجيٽل والٽ ۽ عورتن جي سروي واري عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ عملي جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي، جيئن مستحق ماڻهن کي سهولتون بروقت فراهم ڪري سگهجن.
اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ضلعي انتظاميا اين پي وي اي پاليسي 2024 تي مڪمل عملدرآمد، شدت پسندي ۽ صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي.
هن ضلعي جي ميڊيا هائوسز ۽ صحافين کي پڻ اپيل ڪئي ته هو حقيقتن تي ٻڌل ذميواراڻي رپورٽنگ لاءِ اطلاعات کاتي سان سهڪار وڌائين، جيئن ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ گمراهه ڪندڙ بيانيي جو مؤثر نموني مقابلو ڪري سگهجي.
