اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عوامي ايڪشن ڪميٽي ثالثي جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري به پارليامينٽ ۾ ان جي حمايت ڪئي آهي. اميد آهي ته وزيراعظم به ان حوالي سان مثبت قدم کڻندو. هن اهو به چيو ته بلوچستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڳالهه ٻولهه ڪئي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته قومي معاملن تي سياسي ڌرين وچ ۾ رابطا جاري رهندا آهن. هن ٻڌايو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي کيس ثالثي جي آڇ ڪئي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ ۾ به ان جي حمايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته بلاول حڪومت جو حصو پڻ آهي، تنهنڪري وزيراعظم تائين به اهو پيغام پهچي رهيو آهي. هن چيو ته بلاول جو ساڻس ملاقات لاءِ اچڻ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، جڏهن ته ڪشمير ۾ مهاجرن جي 12 مخصوص سيٽن بابت معاملو ڳالهين جي ميز تي طئي ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بابت پارٽي سان صلاح مشورو ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪشمير ۾ مهاجرن جي 12 سيٽن کي ختم ڪرڻ واري معاملي تي ايڪشن ڪميٽي کي دليلن سان پنهنجو موقف پيش ڪرڻ گهرجي.
هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو سياسي معاملن ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهنمائي ۽ مدد وٺندا رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي صورتحال تي پارليامينٽ هائوس ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته ڪشمير جي مسئلن جو سياسي حل نڪري.
بلاول چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ٻنهي کي سياسي تحريڪن هلائڻ جو وسيع تجربو آهي، تنهنڪري حڪومت کي تجويز ڏني وئي آهي ته مولانا فضل الرحمان جي ثالثي واري آڇ مان فائدو ورتو وڃي. هن زور ڏنو ته آزاد ڪشمير جون چونڊون تڪرارن کان پاڪ هجڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماضي ۾ مختلف احتجاجن ۽ ڌرڻن جا سياسي حل ڳولي چڪو آهي. احتجاج هر شهري جو جمهوري حق آهي، پر اهو پرامن هجڻ ضروري آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انتهاپسند احتجاجن جو رجحان وڌي رهيو آهي، جڏهن ته هر مسئلي جو حل سياسي ڳالهين ذريعي ممڪن آهي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته معاهدي ۾ شامل ٻن اهم نڪتن تي عملدرآمد لاءِ سڀني سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، ڇو ته پيپلز پارٽي اڪيلي سر اهو نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڪشمير جي معاملي کي ڪنهن به صورت نقصان نه پهچڻ ڏنو ويندو.
آخر ۾ بلاول اعلان ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ گڏجي حڪومت ٺاهينديون، جڏهن ته بلوچستان، گلگت بلتستان، سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ به گڏيل حڪومتن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون.
