لاهور: پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايندڙ ٽن سالن دوران 50 هزار ٽريڪٽر هارين کي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
صوبائي زراعت کاتي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته حڪومت هارين کي حقيقي معنيٰ ۾ خودمختيار بڻايو آهي ۽ ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت ايتري وڏي انگ ۾ هارين کي ٽريڪٽر فراهم نه ڪيا هئا.
اجلاس دوران هاري ڪارڊ ۽ زرعي مشينيڪاري (Agricultural Mechanization) بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هيل تائين هارين کي 360 ارب رپين جا بنا وياج قرض جاري ڪيا ويا آهن.
بريفنگ موجب هاري ڪارڊ تحت ڏنل قرضن جي واپسي جي شرح 99 سيڪڙو رهي، جڏهن ته جاري ڪيل قرضن مان 80 سيڪڙو رقم ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي. ان کان علاوه گذريل ڍائي سالن کان وڌيڪ عرصي دوران يوريا ڀاڻ جون قيمتون ڪنٽرول ۾ رهيون آهن.
ان موقعي تي وڏي وزير مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان سان پڻ ملاقات ڪئي.
مريم نواز چيو ته سندس مقصد پنجاب جي هر شهري تائين رليف پهچائڻ ۽ صوبي کي ترقي جي نون بلندين تي وٺي وڃڻ آهي.
هن پنجاب اسيمبلي لاءِ اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي خدمتن کي به ساراهيو.
اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته وڏي وزير مريم نواز جي ڪارڪردگي رڳو ڳالهين تائين محدود ناهي، پر زميني سطح تي به واضح نظر اچي رهي آهي.
ستھرا پنجاب اٿارٽي جي ملازمن جو احتجاج
ٻئي طرف، تنخواه مان ڪٽوتي ۽ عيد بونس نه ملڻ خلاف لاهور ۾ ستھرا پنجاب اٿارٽي جي ملازمن مختلف هنڌن تي احتجاج ڪيو.
گجو متا واري علائقي ۾ ملازمن ڪم بند ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ڪچرو کڻندڙ رڪشا به بيهاري ڇڏيا، جڏهن ته واگهه واري علائقي ۾ پڻ ملازمن روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته کين بونس ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر تنخواه سان گڏ بونس ادا نه ڪيو ويو. هنن چيو ته عيد جي ڏينهن سخت گرمي باوجود 24-24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪري شهر جي صفائي کي يقيني بڻايو، پر جيڪڏهن تنخواه مان ڪٽوتي ختم نه ڪئي وئي ۽ بونس ادا نه ڪيو ويو ته احتجاج جاري رهندو.
هوڏانهن منصوبي جي مئنيجر جو چوڻ آهي ته ملازمن کي گذريل ڏينهن ئي تنخواهون ادا ڪيون ويون هيون، جڏهن ته بجيٽ سبب ادائيگين ۾ ڪجهه دير ٿي هئي.
