• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: پنجاب ۾ فضول خرچن ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن سبب عوام کي ثمر نه مليا: اسٽيبلشمينٽ کي ڳڻتي؟
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

پنجاب ۾ فضول خرچن ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن سبب عوام کي ثمر نه مليا: اسٽيبلشمينٽ کي ڳڻتي؟

admin
Last updated: December 30, 2025 11:42 am
admin
Share
SHARE

اسلام آباد سهيل وڙائچ پنهنجي ڪالم ۾ لکي ڇڏيو آهي ته هن وقت جيڪو نظام آهي، جيڪا رياست آهي اها موجوده سيٽ اپ مان ايتري مطمئن ناهي، جيتري هجڻ گهرجي ها. جيتوڻيڪ شهباز شريف جهڙو وزيراعظم اسٽيبلشمينٽ کي شايد ڪڏهن مليو هجي، شهباز شريف سون جهڙو آهي  پر ان باوجود رياست کي اهڙو ماڻهو گهرجي جيڪو هيري جهڙو هجي. سهيل وڙائچ ٻڌايو ته ذريعن سان ڳالهين دوران انهن ٻڌايو ته قومي حڪومت ٺهي سگهي ٿي ۽ هن ئي پارليامينٽ جي اندر رهندي ٺهي سگهي ٿي. سهيل وڙائچ به اها ڳالهه مڃي ته اهو جواب غير منطقي لڳي ٿو. جيتوڻيڪ ائين ٿي نٿو سگهي پر ان حوالي سان سسٽم مان آواز ضرور اچي رهيا آهن ته قومي حڪومت ٺهي. ان جو مثال ائين آهي جيئن بنگلاديش ۾ پي ايڇ ڊي هولڊر ماڻهو پنهنجي فيلڊ جا ماهر آهن تيئن هتي ٽيڪنو ڪريٽ هجن. اهڙا ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، هڪڙا سسٽم مان فائدو کڻڻ چاهين ٿا، ٻيا دل جو درد رکن ٿا، جيڪي ملڪ جي حالتن مان مايوس آهن ۽ شين کي اڳتي وڌائڻ چاهين ٿا. ڪالم موجب، کوڙ ماڻهو شيرواني سبرائي سسٽم ۾ حصو ڳولي رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ پاران شهباز حڪومت تي سڀ کان وڏو سوال بيانيو جو کنيو ويو آهي. ماڻهن ۾ پريشاني آهي، ان جو حل آهي ته نئون سيٽ اپ آندو وڃي جيڪو 2 کان 3 سال هلي. ذريعن موجب، ان حوالي سان هڪ سال لڳي سگهي ٿو. سهيل وڙائچ موجب، نظام کي هڪ صوبي ۾ ڪرپشن تي ڳڻتي آهي، ٻئي صوبي ۾ ثمر زميني سطح تي نه پهچڻ جو شڪ رکي ٿو، ٽيون صوبو انصافي آهي جيڪو اڳ ئي نظام جي اک جو ڪنڊو آهي. نظام ۽ موجوده سياست جو واسطو هاڻي ايترو غير هموار آهي ته ماڻهو گرينڊ پلان جا افواهه ضرور اٿاريندا. اڪثر راءِ اها آهي ته ٻن وڏين پارٽين تي ٻڌل وڏو هڪ صفحو اهم موقعو آهي جيڪو عمران خان کي به نه مليو هو. اهڙين حالتن ۾ به ساڳيا وسوسا هلي رهيا آهن ته پوءِ خدا حافظ آهي. ٻن پارٽين سميت ٽئين پارٽي جيڪا ٽڪراءَ ۾ آهي اهي سڀ ڪيڏانهن وينديون؟ ذريعن موجب پي ٽي آءِ جو ڪو ڌڙو قومي نظام ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿو. يا ٽئي پارٽيون شامل ٿي وينديون؟ پر اهو سولو ڪم نه هوندو. ذريعن موجب، محمود اچڪزئي جي ويجهي ماڻهو جو وزيراعظم جي ويجهي ماڻهو سان رابطو ٿيو. وزيراعظم جي ماڻهو ٻڌايو ته وزيراعظم ڳالهين جي ڳالهه ڪري ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کانسواءِ نه هوندو. يعنيٰ اسٽيبلشمينٽ اهو سوچي رهي آهي ته هو جيل مان ٻاهر اچي وڃي ۽ کيس اهو اطمينان هجي ته گهٽ ۾ گهٽ سندس سياسي مخالف ته حڪومت ۾ ناهن.

اسلام آباد ۾ خبرن ۽ افواهن جو بازار وري گرم آهي، موجوده سياسي نظام مان هاڻي سسٽم پاڻ تنگ اچي ويو آهي۔ وزيراعظم شهباز شريف جهڙو تجربيڪار ۽ محنتي وزيراعظم به هاڻي سسٽم لاءِ قابلِ قبول نه رهيو آهي؟اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهڙيون ڳالهيون ڇو سامهون اچي رهيون آهن؟ هاڻي اهي ڳالهيون کليل نموني ڪيون پيون وڃن۔ ڊيليورنس پنهنجي جاءِ تي، پر حڪومت هڪ اهم محاذ تي مڪمل طور ناڪام ٿي آهي۔حڪومت معاشي حوالي سان دعويٰ ڪري ٿي ته وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، وڏيون آئينِي ترميمون ڪيون ويون آهن، پر هڪ محاذ اهڙو آهي جتي حڪومت مسلسل ناڪام رهي آهي، سياسي بيانيو ٺاهڻ ۾ موجوده حڪومت ٻوٽو نه ٻاري سگهي،حڪومت نه ته عمران خان جي بيانئي جو توڙ ڳولي سگهي آهي، نه ئي ڪو مضبوط متبادل بيانيو ٺاهي سگهي آهي۔ انهيءَ سياسي ناڪامي سبب باقي سموريون ڪاميابيون به بي اثر ٿي وڃن ٿيون۔ حڪومت جيڪا به ڪاميابي پنهنجي کاتي ۾ وجهڻ ٿي چاهي، اها سياسي ناڪاميءَ سبب ضايع ٿي وڃي ٿي۔انهيءَ ڪري هاڻي ٻيهر قومي حڪومت جي ڳالهه شروع ٿي وئي آهي،.هڪ ذريعي ٻڌايو ته مارچ مهيني ۾ هي سسٽم هٽايو ويندو ۽ ٽيڪنوڪريٽس يا وڏن صنعتڪارن کي چيو ويو آهي ته تياري ڪريو، ملڪ توهان جي حوالي ڪيو ويندو۔ صحافي سهيل وڙائچ به هڪ مضمون لکي ساڳي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن کي هن “افواهه سازي” جو نالو ڏنو آهي،هن لکيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي هاڻي “سون” نه پر “هيرو” کپي، ۽ هو ڪنهن ونڊر بواءِ جي ڳولا ۾ آهن،هن موجب مارچ کان اپريل تائين سسٽم ۾ تبديلي آڻي، آئين جي دائري ۾ قومي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔ان قومي حڪومت ۾ قومي اسيمبلي به برقرار رهندي، پر حڪومت سڀني پارٽين تي ٻڌل هوندي۔ جيڪڏهن عمران خان راضي ٿئي ته ٺيڪ، نه ته تحريڪ انصاف کي ٽوڙي ان جو وڏو ڌڙو قومي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو۔ان لاءِ سنڌ ۾ ڪرپشن،پنجاب ۾ خراب حڪمراني،خيبرپختونخوا ۾ انتشار ۽ بلوچستان ۾ خراب حالتن تي هڪ “چارج شيٽ” به تيار ڪئي پئي وڃي،انهن دليلن تحت چيو پيو وڃي ته موجوده نظام ڊيليور نٿو ڪري، تنهنڪري قومي حڪومت ضروري آهي، جنهن جا وزير پي ايڇ ڊي هولڊر هجن۔

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پ پ کي هائبرڊ نظام تي ڪجهه خدشا؟
Next Article بنگلا ديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ لاڏاڻو ڪري وئي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ پاڪستان…

By admin
3 Min Read

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت پاران هلائي ويندڙ ڪوڙي…

July 4, 2026

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت…

July 4, 2026

وزيراعظم شهباز شريف ايران جي دوري کانپوءِ ترڪي پهچي ويو

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ايران جي…

July 4, 2026

گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ليڪچرار جي خالي جاين لاءِ لکت وارو امتحان، 1,500 اميدوارن شرڪت ڪئي

حيدرآباد (رپورٽ: محبوب حسين بوزدار): گورنمينٽ…

July 4, 2026

سرگوڌا واقعي ۾ 7 ورهين جي نينگري سان زيادتي انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، حڪومت سان گڏ والدين جي به ذميواري آهي: مريم نواز

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير مريم…

July 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

اماراتي صدر پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري وطن روانو

اسلام آباد گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو. دوري…

2 Min Read
پاڪستان

وفاقي وزير عليم خان سينيٽ اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشہ خان کان معافي ورتي

وفاقي وزير براءِ مواصلات عبدالعليم خان سينيٽ اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشہ خان کان معافي ورتي. سينيٽ اجلاس…

1 Min Read
پاڪستان

لاہور ہائیکورٹ کا اسموگ کے خلاف سخت مؤقف، حکومت کو فوری اقدامات کی ہدایت

لاہور: لاہور ہائیکورٹ نے شہر میں بڑھتی ہوئی اسموگ پر تشویش کا اظہار کرتے ہوئے حکومت کو مؤثر اور سنجیدہ…

2 Min Read
پاڪستان

ٽنڊوڄام ويجهو مري برادري جو احتجاج، مبينا ناانصافين خلاف انصاف ۽ زرعي پاڻي جي بحالي جو مطالبو

ٽنڊوڄام : ٽنڊوڄام ويجهو ڪنر پلانٽ ڀرسان مري برادري جي ماڻهن مبينا ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي اعليٰ اختيارين کان…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?