شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي فزڪس ۽ اليڪٽرانڪس شعبي جي پروفيسر گلزار احمد کوسو جي وفات تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سندس تدريسي ۽ سماجي خدمتن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي..تعزيتي ميڙاڪي ۾ مقررن پروفيسر گلزار احمد کوسو جي وڇوڙي کي علم جي دنيا لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو ته گلزار احمد کوسو هڪ باصلاحيت، فرض شناس، علم دوست ۽ شفيق استاد هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي تعليم جي واڌاري، شاگردن جي تربيت ۽ علمي سرگرمين جي فروغ لاءِ وقف ڪئي.تعزہتي ميڙاڪي ۾ وائيس چانسلر ميريٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيو ته پروفيسر گلزار احمد کوسو پنهنجي شاندار ڪردار، علمي خدمتن ۽ سادگيءَ سبب شاگردن، ساٿين ۽ دوستن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. سندس خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ پڻ مشعلِ راهه بڻيل رهنديون.ڊاڪٽر خشڪ چيو ته زندگي جي هر شعبي ۾ ڪردار امر ھجي ٿو ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شيخ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي مشوري سلوٽا اڳواڻ پروفيسر ڊاڪٽر اختيار احمد گھمرو پروفيسر ڊاڪٽر حسام الدين شيخ فزڪس ۽ اليڪٽرانڪس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي منگي.پروفيسر امير حسين شر پروفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف نومڙيو ۽ ٻين چيو ته گلزار احمد کوسو ھڪ زندہ دل ۽ ۽ ھر ڪنھن سان سھڻو سڀاءُ رکندڙ هو.تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙن پروفيسر گلزار احمد کوسو جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئرن کي هي صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.آخر ۾ مرحوم جي مغفرت، بلند درجات ۽ پونئرن لاءِ صبر جميل جي دعا گهري وئي.تعزيتي ميڙاڪي جي ڪاروائي پروفيسر ڊاڪٽر علي رضا لاشاري سر انجام ڏني جڏھن تہ فزڪس ۽ اليڪٽرانڪس شعبي سميت مختلف شعبن جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
