ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن غلام قادر خان ٽالپور اڄ سنڌو درياءَ جي ڪوڙي جا ڀاڻ بچاء بندن جي ھنڌ جو دورو ڪيو. ايڊيشنل ڪمشنر سيد عمار حسين رضوي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد مستقيم قريشي، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر روهڙي سرڪل عطا محمد ڇجرو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. ان موقعي تي ڪمشنر ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي آفيسرن مون کي ڪالهه صورتحال بابت آگاهه ڪيو هو. اڄ مان پاڻ صورتحال جو جائزو وٺڻ آيو آهيان. هن چيو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ڪو به خطرو ناهي. مان پاڻ آبپاشي سيڪريٽري سان رابطو ڪري ڪم کي تيز ڪندس. هن چيو ته ڪوڙي جا ڀاڻ سائيٽ تي مشينري ۽ ٻيا انتظام ڪيا پيا وڃن ۽ ڪو به خطرو ناهي. هن آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته بندن تي مرمت جو ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ بندن جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.
