ڪنڌڪوٽ
فرحان سولنگي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار
ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جي خاص هدايتن تي انچارج مددگار ڪنڌڪوٽ خليل احمد لغاري پنهنجي ٽيم سان گڏ مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪندي فرحان سولنگي جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار کان جاچ ۽ وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته سندس قبضي مان هڪ بغير لائسنس پسٽل پڻ برآمد ڪئي وئي آهي.
ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو انچارج مددگار ڪنڌڪوٽ خليل احمد لغاري ۽ سندس سموري ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيندي کين شاباش ڏني ۽ نقد انعام جو پڻ اعلان ڪيو.
هن چيو ته ضلعي ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پوليس جون ڪارروايون بنا ڪنهن فرق جي جاري رهنديون.
فرحان سولنگي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
