جنهن ۾ ضلعي اندر ڪرسمس جي ڏهاڙي کي پرامن ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ پوليس، ضلعي انتظاميه، ريسڪيو ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔
اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪرسمس جي موقعي تي گرجا گهرن سميت ٻين عبادتگاهن ۽ عوامي هنڌن تي فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي۔ پوليس کي گشت وڌائڻ، اندروني ۽ بيروني رستن تي سخت نگراني ۽ شڪي سرگرمين تي ڪڙي نظر رکڻ جون هدايتون ڏنيون ويون۔
اجلاس دوران ٽريفڪ مينيجمينٽ، ايمرجنسي رسپانس ۽ طبي سهولتن جي فراهمي بابت به تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ڊي سي واضح ڪيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي۔ آخر ۾ سڀني کاتن کي گڏيل سهڪار سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۽ ڪرسمس کي خوشگوار ماحول ۾ ملهائڻ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون ويون۔ گڏجاڻي بعد ڪرسمس ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.
سانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
