آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پولنگ جي شروعات ٿي وئي، پولنگ صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.
اڄ ميرپور ڊويزن جي 3 ضلعن ميرپور، ڪوٽلي ۽ ڀمڀر جي 13 تڪن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن. پيپلز پارٽي، مسلم ليگ(ن)، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ آزاد اميدوارن سميت 296 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.
ميرپور ڊويزن جي 3 ضلعن ميرپور، ڪوٽلي، ۽ ڀمڀر جي 13 تڪن ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو تعداد 14 لک هڪ هزار 439 آهي، جن ۾ مرد ووٽرز 7 لک 25 هزار 118 ۽ عورت ووٽرز جو تعداد 6 لک 75 هزار 628 آهي.
ميرپور ڊويزن ۾ 2 هزار 454 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ ميرپور ضلعي جي 4 تڪن ۾ 597، ضلع ڪوٽلي جي 6 تڪن ۾ 1107 ۽ ڀمڀر ضلعي جي 3 تڪن ۾ 608 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن.
چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام به ڪيا ويا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد ڪشمير جسٽس(ر) غلام مصطفيٰ مغل جو چوڻ آهي ته ووٽنگ جي عمل ۾ رنڊڪ وجهندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
چيف سيڪريٽري آزاد جمون، ڪشمير خوشحال خان چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام انتشاري ٽولن کي رد ڪري جمهوري عمل تي ڀروسي جو اظهار ڪيو آهي، پر امن چونڊن جي لاءِ سمورا رياستي ادارا تيار آهن، چونڊ عمل ۾ رنڊڪ وجهندڙن يا امن خراب ڪندڙن جي خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو.
