• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سنڌ حڪومت پاران معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آغا خان يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ سان 5 سالن جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سنڌ حڪومت پاران معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آغا خان يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ سان 5 سالن جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

admin
Last updated: August 2, 2026 8:25 am
admin
Share
SHARE

سنڌ حڪومت معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊيولپمينٽ سان پنجن سالن جي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن جي مجموعي ماليت 439 ملين رپين کان وڌيڪ آهي.وزيراعليٰ هائوس ۾ جمعي ڏينهن منعقد ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحيحن واري تقريب جي صدارت ڪئي. معاهدو سنڌ حڪومت جي ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبيلٽيز ۽ آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊيولپمينٽ وچ ۾ طئي ٿيو. معاهدي تحت آغا خان يونيورسٽي ۾ خاص تعليمي ضرورتن وارو يونٽ قائم ڪيو ويندو، جيڪو استادن جي تربيت، پيشيوراڻي ترقي، تحقيق، جدت، پاليسي جي تياري ۽تعليم جي هٿي لاءِ سينٽر آف ايڪسيلينس طور ڪم ڪندو. منصوبي ۾ سنسري رومز، ٿراپي رومز، ريسورس سينٽرز، پاليسي سازي، تحقيق ۽ عوامي آگاهي جي پروگرامن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي.تقريب ۾ آغا خان يونيورسٽي جي صدر ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر فريد پنجواڻي، يونيورسٽي جي سينيئر قيادت، معذور ماڻهن جي تنظيمن، ترقياتي ڀائيوارن، تعليمي ماهرن، سرڪاري عملدارن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي معاهدو صرف هڪ رسمي دستاويز نه، پر سنڌ ۾ شامليندڙ ۽ خاص ضرورتن واري تعليم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ تاريخي ۽ حڪمت عملي تي ٻڌل ڀائيواري آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد اهڙي سنڌ جي تعمير آهي، جتي هر ٻار کي، سندس قابليت کانسواءِ، سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا برابر موقعا حاصل هجن.هن چيو ته سنڌ حڪومت هميشه انساني ترقي، سماجي شموليت ۽ معذور ماڻهن جي حقن کي ترجيح ڏني آهي ۽ هن منصوبي وسيلي استادن جي صلاحيتن ۾ واڌ، معياري تحقيق، پاليسي سازي ۽ معذور ٻارن لاءِ معياري تعليم تائين رسائي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ آغا خان يونيورسٽي جي گڏيل ڪوششن سان ثبوتن تي ٻڌل پاليسي سازي، عوامي آگاهي، ڪميونٽي جي شموليت ۽ جديد تعليمي طريقن کي هٿي ملندي، جڏهن ته هي منصوبو پاڪستان ۾ شامليندڙ تعليم لاءِ هڪ مثالي ماڊل ثابت ٿيندو. آغا خان يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين چيو ته هي ڀائيواري ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته هر ٻار کي، بنا ڪنهن فرق جي، اعليٰ معيار جي تعليم تائين برابر رسائي حاصل هجي. هن چيو ته شامليندڙ تعليم هڪ منصفاڻي ۽ خوشحال سماج جي بنياد آهي ۽ يونيورسٽي پنهنجي علمي مهارت ۽ تحقيق ذريعي حڪومت جي سڌارن ۾ ڀرپور سهڪار جاري رکندي.ان کان اڳ سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن طحيٰ احمد فاروقي منصوبي جي مقصدن ۽ دائري بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هي منصوبو استادن جي تربيت، ادارتي استحڪام، تحقيق، پاليسي جي ترقي، ڪميونٽي آگاهي ۽ خاص ضرورتن وارن ٻارن لاءِ پائيدار سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.ڊين آغا خان يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر فريد پنجواڻي چيو ته خاص تعليمي ضرورتن وارو يونٽ تربيت، تحقيق، جدت ۽ پاليسي جي سهڪار لاءِ مرڪزي اداري طور ڪم ڪندو ۽ فيڪلٽي جي ترقي، پيشيوراڻي سرٽيفڪيشن پروگرامن ۽ ثبوتن تي ٻڌل مداخلتن ذريعي سنڌ ۾ شامليندڙ تعليمي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.پنجن سالن تي ٻڌل هي منصوبو 1 جولاءِ 2026 کان 30 جون 2031 تائين جاري رهندو. مالي فريم ورڪ موجب سنڌ حڪومت 278.56 ملين رپيا ۽ آغا خان يونيورسٽي 160.65 ملين رپيا فراهم ڪندي، جنهن سان منصوبي جي مجموعي ماليت 439 ملين رپين کان وڌيڪ ٿي ويندي. منصوبي ۾ معذوري جي شعبي سان لاڳاپيل ٻين ادارن کي به شامل ڪيو ويندو ته جيئن تربيت، عملدرآمد، آگاهي ۽ ڪميونٽي تائين پهچ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي بعد هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Next Article Rana Sanaullah says Pakistan continues search after Broad Peak avalanche hits 10 climbers, 4 bodies recovered
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايراني صدر سان ملاقات مثبت ۽ فائديمند رهي محسن نقوي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود…

2 Min Read
پاڪستان

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ انٽرسٽي بس جي ڀاڙن ۾ به اضافو

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. لاهور کان راولپنڊي…

1 Min Read
پاڪستان

ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جو مڙهه بدين پهچي ويو، جنازي نماز ادا

ڪراچي شاھراہ فيصل تي نامعلوم ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل بدين واسي ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جو مڙھ بدين پھچي ويو…

2 Min Read
پاڪستان

پنجاب ۾ نجي تعليمي ادارن جي شاگردن کي به ليپ ٽاپ ڏيڻ جو فيصلو

لاهور: پنجاب جي وزير تعليم رانا سڪندر حيات 2025ع کي تعليم جي بهتري لاءِ قدمن جو سال قرار ڏيندي چيو…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?