لاهور: پنجاب جي وزير تعليم رانا سڪندر حيات 2025ع کي تعليم جي بهتري لاءِ قدمن جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته نجي تعليمي ادارن جي شاگردن کي به هزارين جي تعداد ۾ ليپ ٽاپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔
پنجاب جي وزير تعليم 2025ع ۾ تعليم کاتي جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال وانگر 2025ع به تعليم جي بهتري لاءِ اهم قدمن جو سال رهيو آهي۔
رانا سڪندر حيات چيو ته تعليمي ادارن مان 20 لک گھوسٽ انرولمينٽ ختم ڪيون ويون، 26 هزار استادن جي ريشنيلازيشن ذريعي ٽيچر شارٽيج تي ضابطو آندو ويو، نصاب سڌارن تي تاريخي ڪم ڪيو ويو، امتحاني سڌارا متعارف ڪرايا ويا ۽ بورڊن کي اي مارڪنگ نظام ڏانهن منتقل ڪيو ويو۔
هن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن تي خاص ڌيان ڏنو، 10 هزار اسڪولن ۾ اي سي اي رومز ٺاهيا ويا، جڏهن ته روزانو 11 لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون نيوٽريشن پروگرام مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن۔
وزير تعليم پنجاب موجب صوبي ۾ 268 اسڪول اپ گريڊ ڪيا ويا، استادن جي هراساني بابت 37 ڪيسن جا فيصلا ڪيا ويا ۽ نجي تعليمي ادارن جي شاگردن کي به 10 هزار ليپ ٽاپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔
صوبائي وزير چيو ته 450 ڪاليجن ۾ ميرٽ جي بنياد تي پرنسپلز مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته 29 يونيورسٽين ۾ وائس چانسلرن جي مقرري جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي۔
