ڪراچي شاھراہ فيصل تي نامعلوم ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل بدين واسي ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جو مڙھ بدين پھچي ويو سندس گھر ۾ ڪھرام متل بدين ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي، سندس گھر تي وڇايل تڏي تي ويٺل سندس ڀائرن مان سرمد حسين ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو ڀاء ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ تقريبن 8 سالن کان ڪراچي ۾ فيملي سان گڏ صدر واري علائقي ۾ رھندو ھو ۽ ٻن اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪندو ھو ڪجھ وقت ھڪ ماڻھو نالي حسيب کيس مسلسل تنگ ڪندو رھندو ھو ۽ ھڪ مھينو اڳ به کيس بليڪ ميل ڪيو ھو جنھن جو ڊاڪٽر سارنگ مون سان ذڪر به ڪيو ھو، مون چيو ته حسيب نالي ماڻھو ڪير آھي ڪٿي جو آهي پر ھن چيو ته آئون نٿو سڃاڻان صرف انھي نالي سان تنگ ڪندو آھي، ھن چيو ته ڊاڪٽر سارنگ تنگ ٿي ٻاھر وڃڻ پئي چاھيو پر رات نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي، ھن چيو ته اسان قتل جو ڪيس ضرورداخل ڪرائينداسون، وارثن سنڌ حڪومت ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته آنھي واقعي جي مڪمل جانچ ڪرائي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي، جڏھن ته قتل ٿي ويل ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جي جنازي نماز بدين ۾ ادا ڪرڻ کان پوءِ کيس اباڻي قبرستان شاھ قادري جيلاني ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.
